اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي)خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ ته ڪاروهنوار هلي رهيا آهن پر خيبر پختونخوا جام آهي ۽ احتجاج ۾ سڙي رهيو آهي، صوبائي حڪومت کي ڪا پرواه ناهي. گورنر پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪي پي ڪي هائوس ته پاڻ خيبر پختونخوا حڪومت جو حصو آهي، صبح جو اٿي وقت تي ڌرڻي تي ويهن ٿا ۽ پوءِ …
خيبر پختونخوا بند آهي احتجاج ۾ سڙي رهيو آهي، صوبائي حڪومت کي ڪا پرواه ناهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

مزید خبریں
اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي)خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ ته ڪاروهنوار هلي رهيا آهن پر خيبر پختونخوا جام آهي ۽ احتجاج ۾ سڙي رهيو آهي، صوبائي حڪومت کي ڪا پرواه ناهي. گورنر پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪي پي ڪي هائوس ته پاڻ خيبر پختونخوا حڪومت جو حصو آهي، صبح جو اٿي وقت تي ڌرڻي تي ويهن ٿا ۽ پوءِ واپس هليا وڃن ٿا، پارليامينٽ هائوس ويو هيس اُتي ته معمول موجب معاملا هلي رهيا آهن، ڪميٽين جا اجلاس روٽين موجب هلي رهيا آهن، معلوم ناهي ڇو اپوزيشن کي ماني ناهي ملي رهي، هتي ته چانهه کاڌو هلي رهيو آهي. هن چيو ته هتي ڌرڻو هنيو ويو آهي ۽ ڪي پي ڪي کي بند ڪيو ويو آهي، ڇا توهان پنهنجي صوبي خلاف ڌرڻو هڻي رهيا آهيو، سڀ روڊ بند ڪيا ويا آهن.











