اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت مملڪتي وزير وجيهه قمر سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو گذريل ڏينهن تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تجويز ڪيل تعليمي ادارا جاتي رابطن سان لاڳاپيل معاهدي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي برادراڻي لاڳاپن جي ڏس ۾ …
مملڪتي وزير وجيهه قمر سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو جي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت ۾ ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت مملڪتي وزير وجيهه قمر سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو گذريل ڏينهن تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تجويز ڪيل تعليمي ادارا جاتي رابطن سان لاڳاپيل معاهدي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي برادراڻي لاڳاپن جي ڏس ۾ تعليمي شعبي ۾ اداره جاتي رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۽ سهڪار کي آسان بڻائڻ تي غور ڪيو.ڳالهين ۾ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ(ٽيوٽ) ۽ ديني تعليم جي شعبن ۾ امڪاني سهڪار جا امڪان به بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي هنر مندي کي هٿي ڏيڻ، بهترين تجربن جي مٽا سٽا ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ حصيداري مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو ويو. شاگردن جي مٽا سٽا پروگرامز ۽ وسيع تر تعليمي اشتراڪ جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفان تعليمي مٽا سٽا، گڏيل تحقيقي منصوبن ۽ سندن جي گڏيل منظوري جي فريم ورڪ کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن شاگردن ۽ استادن لاءِ موقعن ۾ اضافو ڪري سگهجي. مملڪتي وزير ان موقعي تي تعليمي شعبي ۾ ترڪيه جي مسلسل سهڪار کي ساراهيندي مختلف تعليمي ۽ تربيتي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترڪيه جي سفير پنهنجي حڪومت طرفان تعليمي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي گڏيل هدفن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڀريو.











