ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ جزوي طور جهڙالي موسم رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان

اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران بلوچستان، هيٺين خيبر پختونخواهه، ڏکڻ پنجاب ۾ موسم جزوي طور جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو به امڪان آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر …

اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران بلوچستان، هيٺين خيبر پختونخواهه، ڏکڻ پنجاب ۾ موسم جزوي طور جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو به امڪان آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽گجگوڙ سان برسات پئي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 07، استور ۾ ڪاٽو 04، اسڪردو ۾ ڪاٽو 03، بگروٽ ۾ ڪاٽو 02 ۽ گوپس ۾ ڪاٽو 01 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.