سينيٽ چيئرمين آمريڪا ۾ گڏيل قومن ۽ بين الپارلياماني يونين جي گڏيل پارلياماني ٻُڌڻيءَ ۾ شرڪت کانپوءِ واپس وطن پهچي ويو

اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني آمريڪا ۾ گڏيل قومن ۽ بين الپارلياماني يونين جي گڏيل پارلياماني ٻُڌڻيءَ ۾ شرڪت کانپوءِ واپس وطن پهچي ويو. هن ان دؤري ۾ پاڪستان جي مؤقف کي ڀرپور انداز سان اجاگر ڪيو ۽ گڏيل قومن جي منشور ۽ لاڳاپيل سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب عالمي قانون جي احترام ۽ ڊگهي مُدي وارن تڪرارن جي پُرامن حل ۾ بامعنيٰ …

اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني آمريڪا ۾ گڏيل قومن ۽ بين الپارلياماني يونين جي گڏيل پارلياماني ٻُڌڻيءَ ۾ شرڪت کانپوءِ واپس وطن پهچي ويو. هن ان دؤري ۾ پاڪستان جي مؤقف کي ڀرپور انداز سان اجاگر ڪيو ۽ گڏيل قومن جي منشور ۽ لاڳاپيل سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب عالمي قانون جي احترام ۽ ڊگهي مُدي وارن تڪرارن جي پُرامن حل ۾ بامعنيٰ اڳڀرائيءَ جو مطالبو ڪيو آهي. سالياني آءِ پي يو ٻُڌڻي 2026ع جي افتتاحي اجلاس ۾ خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته گڏيل قومن جي ساک وڌائڻ لاءِ جمهوري، شفاف ۽ جوابده فيصلا سازي ضروري آهي ۽ پارليامينٽون عالمي وعدن تي قومي سطح تي عملدرآمد کي يقيني بنائڻ ۾ اڻٽر ڀائيوار آهن. وفد ۾ سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ، سينيٽر محمد عبدالقادر، سينيٽر سيد فيصل علي سبزواري، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ٻيا شامل هئا. سينيٽ چيئرمين گڏيل قومن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اها اڄ به گهڻ رُخي سهڪار جو بنيادي ٿنڀ آهي ۽ ان جي عالمگير رڪنيت ۽ منشور تي ٻَڌل مينڊيٽ عالمي امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته چئلينجز ڪنهن هڪ ملڪ جي اڪيلي ڪوشش سان حل نٿا ٿي سگهن، گڏيل قومن تي اعتماد جي تجديد مضبوط گهڻ رُخي سهڪار تي ٻَڌل هئڻ گهرجي ۽ ان لاءِ مناسب، اڳڪٿي ۽ پائيدار مالي وسيلن کي فراهم ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن هو مينڊيٽ کي اثرائتي انداز ۾ پورو ڪري سگهن. هن گذريل سال انٽر پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي سرپرستي جي عڪاسي ڪندي چيو ته هو گڏيل قومن، آءِ پي يو ۽ آءِ ايس سي وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن گڏيل عالمي هدفن کي اڳتي وڌائي سگهجي. سالياني آءِ پي يو ٻُڌڻي 2026ع جو موضوع پارليامينٽون ۽ گڏيل قومون، بهتر ساٿ، عوام لاءِ اثرائتي خدمت آهي. ان ٻُڌڻيءَ ۾ امن، پائيدار ترقي، جمهوري حڪمراني، اثرائتي گهڻ رُخي سهڪار، گڏيل قومن جي ”پيڪٽ فار دي فيوچر“ ۾ سهڪار ۽ وسيع سڌارن وارن قدمن تي ڌيان ڏنو ويو. سينيٽ چيئرمين نيويارڪ ۾ انٽر پارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي صدر ڊاڪٽر ٽوليا ايڪسن ۽ سيڪريٽري جنرل مارٽن چونگونگ سان ڌار ڌار اهم ملاقاتون ڪيون جن ۾ پاڪستان جي فعال، باوقار ۽ اثرائتي پارلياماني سفارتڪاريءَ کي اجاگر ڪيو ويو. ملاقاتن دوران سينيٽ چيئرمين پاڪستان جي اصولي مؤقف، جمهوري عزم ۽ عالمي سطح تي فعال پارلياماني ڪردار کي جامع انداز ۾ پيش ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان آءِ پي يو کي دنيا جي پارليامينٽن وچ ۾ ڳالهين، قانون جي حڪمراني، جامع حڪمراني ۽ عالمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جو اثرائتو پليٽ فارم سمجهي ٿو ۽ ان فورم تي پاڪستان جو ڪردار هميشه تعميري ۽ هاڪاي رهيو آهي. هن آءِ پي يو سان پاڪستان جي مضبوط ۽ پُراڻي وابستگي کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ مسلسل آءِ پي يو اسيمبلين، اسٽينڊنگ ڪميٽين ۽ عمومي ڳالهين ۾ فعال شرڪت ڪري رهي آهي. هن تاشقند ۾ رٿيل 150هين آءِ پي يو اسيمبلي ۾ پنهنجي شرڪت جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان امن ۽ سلامتي، پائيدار ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ گهڻ رُخي سهڪار جهڙن اهم عالمي موضوعن تي واضح ۽ اثرائتو مؤقف پيش ڪيو. موسمياتي تبديلي جهڙي مسئلي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديليءَ سبب سخت متاثر ٿي رهيا آهن. هن 2022ع جي ٻوڏ ۽ بعد ۾ شديد موسمي واقعن جو حوالو ڏيندي عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو موسمياتي انصاف ۽ گڏيل ذميداري جي اصولن تحت اُسرندڙ ملڪن جي مدد ڪري. عالمي امن ۽ انساني حقن تي ڳالهائيندي هن تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاريءَ کي اڻٽر قرار ڏنو. هن والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ فلسطين جي مسئلي تي منصفاڻي حل جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته هڪ خودمختيار فلسطيني رياست جو قيام خط ۾ جٽادار امن لاءِ ضروري آهي. سينيٽ چيئرمين جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جي اعليٰ سطحي پارلياماني وفد سالياني آءِ پي يو پارلياماني ٻُڌڻي 2026ع جي موقعي تي گڏيل قومن جي صدر اينالينا بيئربوڪ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي.  سينيٽ چيئرمين تڪرارن جي پُرامن حل جي پُراڻي پاليسي جو حوالو ڏيندي چيو ته والاريل ڪشمير جو تڪرار سلامتي ڪائونسل جي قرارداد موجب حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. هن ٻُڌايو ته ڀارت وڌيڪ عدم استحڪام پيدا ڪندي هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ موجب اهي قدم معاهدي جي شقن ۽ سرحد پار پاڻي وسيلن بابت عالمي قانونن جي مسلم اصولن جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته اهڙا قدم 24 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستانين جي زندگين ۽ معاش تي سنگين اثر وجهي سگهن ٿا ۽ خطرناڪ مثال قائم ٿي سگهن ٿا، خاص ڪري اهڙي وقت ۾ جڏهن موسمياتي دٻاءُ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ گڏيل سهڪار ۽ عالمي معاهدن جي سخت احترام جي گهرج ڪن ٿا. سينيٽ چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جو عوام عالمي امن ۽ سلامتيءَ کي هٿي وٺرائڻ، جٽادار ترقي ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ گڏيل قومن جي مشن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. سينيٽ چيئرمين جي اعزاز ۾ نيويارڪ ۾ ڊنر جو بندوبست ڪيو ويو جنهن  ۾ سفارتڪارن، آمريڪي شخصيتن ۽ ڪميونٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ هن سمنڊ پار پاڪستانين کي وطن جو متحرڪ ٿنڀ قرار ڏيندي جمهوري استحڪام ۽ پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻئي پاسي پ پ يو ايس اي جي اڳواڻ طرفان واشنگٽن ۾ مانجهاندو به ڏنو ويو، جتي سينيٽ چيئرمين پارٽي جي جمهوري خدمتن ۽ قيادت جي ويزن تي روشني وڌي. آءِ پي يو سالياني ٻُڌڻيءَ ۾ سينيئر قانونسازن جي اعليٰ سطحي شرڪت کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو ويو ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي واکاڻ جوڳي ڪردار جي تعريف ڪئي.