اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان جو واضح ۽ چِٽو مؤقف آهي ته سيڪيورٽيءَ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو ممڪن ناهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي جاري بيان ۾ هن چيو ته افغان ڌرتي استعمال ڪندڙ دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي اڻٽر آهي، پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان دهشتگرديءَ جون شاهديون ۽ ثبوت پيش ڪندو آيو …
سيڪيورٽيءَ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ٿيندو: ڄام ڪمال خان

مزید خبریں
اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان جو واضح ۽ چِٽو مؤقف آهي ته سيڪيورٽيءَ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو ممڪن ناهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي جاري بيان ۾ هن چيو ته افغان ڌرتي استعمال ڪندڙ دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي اڻٽر آهي، پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان دهشتگرديءَ جون شاهديون ۽ ثبوت پيش ڪندو آيو آهي. وفاقي وزير چيو ته افغانستان سان ڪنهن به سطح تي رابطن کان اڳ دهشتگرديءَ جي مسئلي جو حل هئڻ ضروري آهي، ويجهڙ مهينن ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ واڌ ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڳالهين ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ جو حامي آهي پر دهشتگرديءَ جي موجودگي ۾ اڳڀرائي مڪن ناهي، اقتصادي معاملا اهم آهن جڏهن ته قومي خودمختياري ۽ سيڪيورٽي پهرين ترجيح آهي.











