وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي سريلنڪن هم منصب، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن بابت وزير ۽ بچاءُ واري سيڪريٽريءَ سان ملاقاتون

ڪولمبو-16 فيبروري (اي پي پي) گهرو ۽ نارڪو ٽڪس واري وفاقي وزير وزير محسن نقوي ڪولمبو ۾ سريلنڪن هم منصب آنند وجي پالا، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن بابت وزير ڪمارا گيميج ۽ بچاءُ واري سيڪريٽري سمپاٿا ٿويا ڪونٿا سان ملاقاتون ڪيون. سريلنڪا جي گهرو وزارت پهچڻ تي سريلنڪن گهرو وزير پاڪستاني هم منصب محسن نقويءَ جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي وزيرن وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ داخلي سيڪيورٽي، دهشتگردي …

ڪولمبو-16 فيبروري (اي پي پي) گهرو ۽ نارڪو ٽڪس واري وفاقي وزير وزير محسن نقوي ڪولمبو ۾ سريلنڪن هم منصب آنند وجي پالا، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن بابت وزير ڪمارا گيميج ۽ بچاءُ واري سيڪريٽري سمپاٿا ٿويا ڪونٿا سان ملاقاتون ڪيون. سريلنڪا جي گهرو وزارت پهچڻ تي سريلنڪن گهرو وزير پاڪستاني هم منصب محسن نقويءَ جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي وزيرن وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ داخلي سيڪيورٽي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ گڏيل معاونت وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سائبر ڪرائمز ۽ مالياتي فراڊ ۾ ملوث مافيا خلاف گڏيل حڪمت عملي تي به ڳالهيون ٿيون. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي گهرو وزارت وچ ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. غير قانوني اميگريشن ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوآرڊينيشن بهتر بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پوليس ۽ پيرا ملٽري فورسز جي گڏيل ٽريننگ پروگرامز تي ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزير محسن نقوي سريلنڪن پوليس جي آفيسرن کي نيشنل پوليس اڪيڊميءَ ۾ ٽريننگ جي آڇ ڪئي. گهرو وزير چيو ته آفيسرن جي ٽريننگ ايڪسچينج پروگرامز سان ٻنهي ملڪن جي فورس جي سگهه ۾ واڌ ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارتن وچ ۾ سهڪار سان ناتن جون نيون راهون کُلنديون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سائبر ڪرائمز ۽ مالياتي ڏوهن جي روڪٿام لاءِ گڏيل سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي. گهرو وزير محسن نقوي سريلنڪن هم منصب کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. گهرو وزير محسن نقوي سريلنڪا ۾ شاندار مهمان نوازيءَ تي سريلنڪن هم منصب جو شڪريو ادا ڪيو. محسن نقوي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن بابت وزير ڪمارا گيميج وچ ۾ راندين خاص ڪري ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سريلنڪا جي اسپورٽس وزارت وچ ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻئي ملڪ ڪرڪيٽ سميت راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائيندا. محسن نقوي ٽي -20 ورلد ڪپ جي موقعي تي بهترين انتظامن کي ساراهيو ۽ چيو ته سريلنڪا مان تمام گهڻي محبت ملي. ان کان علاوه گهرو وزير سريلنڪا جي بچاءُ واري سيڪريٽري ايئر وائيس مارشل (ر) سمپاٿا ٿويا ڪونٿا سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- سريلنڪا سيڪيورٽي سهڪار ۽ دفاعي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪ- سريلنڪا سيڪيورٽي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. سيڪريٽري چيو ته سريلنڪا دهشتگرديءَ جو شڪار رهيو آهي. پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف سريلنڪا حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ ان سپورٽ تي اسان پاڪستان جا دل جي گهرائين سان ٿورائتا آهيون. گهرو وزير محسن نقوي چييو ته سريلنڪا ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي ناتا هر دؤر ۾ مستحڪم رهيا آهن. سريلنڪا سان سيڪيورٽي سهڪار وڌيڪ مضبوط لاءِ پُرعزم آهيون. سريلنڪا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز، ايڊوائيزر ٽو چيئرمين پي سي بي عامر مير، چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پي ايس ايل سلمان نصير به ان موقعي تي موجود هئا.