ويانا – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آسٽريا سان مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪاروبار جي لاءِ کليل ۽ آسٽريا سان حصيداري جي نئين مرحلي جي لاءِ تيار آهي، آسٽريا جا سيڙپڪار پاڪستان ۾ پرڪشش موقعن مان فائدو کڻن، واپار ۽ علمي مٽاسٽا تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، سياحت جي شعبي جي ترقي …
وزيراعظم پاران آسٽريا سان مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو ورجاءُ، پاڪستان ڪاروبار جي لاءِ کليل ۽ آسٽريا سان حصيداري جي نئين مرحلي لاءِ تيار آهي: شهباز شريف

مزید خبریں
ويانا – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آسٽريا سان مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪاروبار جي لاءِ کليل ۽ آسٽريا سان حصيداري جي نئين مرحلي جي لاءِ تيار آهي، آسٽريا جا سيڙپڪار پاڪستان ۾ پرڪشش موقعن مان فائدو کڻن، واپار ۽ علمي مٽاسٽا تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، سياحت جي شعبي جي ترقي جي لاءِ تعاون جا خواهشمند آهيون، جي ايس پي پلس جي لاءِ حمايت تي آسٽريا جي قيادت جا ٿورائتا آهيون، اچو اسان گڏجي غيرقانوني لڏپلاڻ جو مقابلو ڪريون، هنرمند پاڪستاني نوجوانن کي آسٽريا ۾ نوڪرين تائين پهچ فراهم ڪريون. هن اهڙن خيالن جو اظهار آسٽريا جي چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. وزيراعظم آسٽرين چانسلر کي مخاطب ڪندي چيو ته ساڻس ٻيهر ملاقات تي کيس تمام گهڻي خوشي آهي، توهان سان گذريل سال نيويارڪ ۾ ٿيندڙ ملاقات ياد آهي، پاڪستان ۽ آسٽريا جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ توهان جي گهري دلچسپي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان، لاهور ۾ اسان وٽ آسٽريا جي تعاون سان قائم ڪيل هڪ ثقافتي سينٽر پڻ آهي، هو ان جو سرپرست آهي، اهو ثقافتي تعاون پاڪستان ۽ آسٽريا جي چ ۾ دوستي کي فروغ ڏيڻ ۾ تمام گهڻو مددگار آهي. وزيراعظم چيو ته توهان جي لاءِ پاڪستاني عوام جون والهاڻيون نيڪ خواهشون ۽ پنهنجي حڪومت جو واضح پيغام کڻي آيو آهيان، پاڪستان ڪاروبار جي لاءِ کليل آهي ۽ پاڪستان آسٽريا سان حصيداري جي نئين مرحلي جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، اسان آسٽريا جي دوستن کي ڀليڪار چونداسين ته اهي پاڪستان ۾ موجود وسيع موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم چيو ته هو آسٽريا پاران جي ايس پي پلس بابت پاڪستان جي حمايت جو پڻ سچي دل سان ٿورا ادا ڪري ٿو، اچو اسان گڏجي واپار، علمي مٽاسٽا ۽ نئين پيدا ٿيل موقعن مان فائدو کڻون، هنرمند افرادي قوت، چرپر ۽ فني تربيت اسان جي تعاون جا مرڪزي شعبا ٿي سگهن ٿا، اچو اسان گڏجي غيرقانوني لڏپلاڻ جو مقابلو ڪريون، هنرمند پاڪستاني نوجوانن کي آسٽريا ۾ نوڪرين تائين پهچ فراهم ڪريون. وزيراعظم چيو ته مون کي خبر آهي ته آسٽريا جا اڳ ۾ ئي ٻين ملڪن سان اهڙي طرح جا معاهدا موجود آهن. وزيراعطم چيو ته پاڪستان هڪ خوبصورت ملڪ آهي جنهن ۾ بلند جبل ۽ دل ڇُهيندڙ خوبصورت منظر آهن، اسان جي خواهش آهي ته توهان سياحت جي شعبي ۾ ترقي ۾ تعاون ڪريو. وزيراعظم ڀرپور استقبال تي آسٽريا جي چانسلر جا ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته ايندڙ سالن ۾ آسٽريا سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا منتظر آهيون. هن آسٽريا جي چانسلر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۾ سندس ڀرپور استقبال ڪيو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۾ شروعاتي جملا جرمن زبان ۾ ادا ڪيا جنهن تي فيڊرل چانسلر ۽ سندس وفد جا ميمبر پڻ دنگ رهجي ويا. وزيراعظم چيو ته ڪجهه ڳالهيون جرمن زبان ۾ ڪندس، توهان سڀني کي جرمن زبان کان آگاهي آهي، هو موزارٽ جو وڏو فين آهي، ان جي لاءِ توهان جي دل جي گهرائين سان ٿورا ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته جڏهن آئون نوجوان هئس ته آسٽريا آيو هئس، مون موزارٽ جي شهر سالزبرگ ۽ هتي ويانا ۾ شوئن برن محل جو دورو ڪيو، مون کي گرمائي رهائشگاهه ۾ گرمجوشي سان ڀليڪار ڪيو ويو ۽ مون ويانا اسٽيٽ اوپيرا جو دورو ڪيو جتي مون ويانا جي ڪافي جو پڻ لطف کنيو جيڪا تمام شاندار ۽ عمده هئي.











