وزيراعظم شهباز شريف ۽ جمهوريه آسٽريا جي چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر پاران واپار ۾ اضافي، مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي سميت ٻين ترجيحي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي وسيع امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ

ويانا – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه آسٽريا جي وفاقي چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر واپار ۾ اضافي، مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي سميت ٻين ترجيحي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم آسٽرين ڪاروباري ادارن ۽ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم …

ويانا – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه آسٽريا جي وفاقي چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر واپار ۾ اضافي، مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي سميت ٻين ترجيحي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم آسٽرين ڪاروباري ادارن ۽ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آسٽريا جي چانسلر وفاقي چانسلري ۾ آسٽريا ۽ پاڪستان جي ناليوارين ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن (سي اي اوز) جي فورم جي گڏيل صدارت ڪئي. سي اي اوز فورم ۾ جن ڪمپنين جي نمائندگي هئي انهن ۾ قابل تجديد توانائي، توانائي جي بچت، صنعتي پيداوار ۽ تعميرات، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيڪسٽائيل، جراحي اوزارن، چمڙي ۽ راندين جي سامان، صحت، سياحت ۽ مهمان نوازي ۽ خوراڪ ۽ زرعي صنعتن جي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنيون شامل هيون. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن واپار ۾ اضافي، مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي سميت ٻين ترجيحي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو. وزيراعطم آسٽرين ڪاروباري ادارن ۽ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ خاص طور تي انهن ترجيحي شعبن ۾ جتي ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن جي وچ ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيداري کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت ڏني. وزيراعطم آسٽرين ڪمپنين کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ هلندڙ سال اپريل ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ يورپي يونين پاڪستان بزنس فورم ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. بعد ۾ وزيراعظم پاڪستان – آسٽريا بزنس فورم کي خطاب ڪيو جنهن جو اهتمام آسٽرين چيمبر آف ڪامرس (ڊبليو ڪي او) پاران ڪيو ويو هو.