ويانا – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آسٽريا جي دوري کي خصوصي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو آهي ته چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر سان سندس انتهائي خوشگوار ۽ نتيجاخيز ملاقات ٿي، اقتصادي تعاون، سيڙپڪاري، سياحت، تعليم ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ٽن ڏهاڪن کان …
چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر سان سندس انتهائي خوشگوار ۽ نتيجاخيز ملاقات ٿي، اقتصادي تعاون ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
ويانا – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آسٽريا جي دوري کي خصوصي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو آهي ته چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر سان سندس انتهائي خوشگوار ۽ نتيجاخيز ملاقات ٿي، اقتصادي تعاون، سيڙپڪاري، سياحت، تعليم ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ آسٽريا جو هي اعليٰ سطحي دورو آهي، هي دورو پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 70هين سالگرهه جي موقعي سان هم آهنگ پڻ آهي. هن چيو ته چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر سان سندس انتهائي خوشگوار ۽ نتيجاخيز ملاقات ٿي جنهن ۾ هنن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اقتصادي تعاون، واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، مهمان نوازي، تعليم، آءِ ٽي، صحت، افرادي قوت جي ترقي ۽ افرادي قوت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيندا.











