اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان جمهوريه ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر عرفان نذير اوغلو گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اعليٰ سطحي عدالتي ٽيڪنالاجي، تربيت ۽ تجربن جي مٽا سٽا جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب ان موقعي تي قانون ۽ انصاف واري سيڪريٽري ۽ …
چيف جسٽس آف پاڪستان سان ترڪيه جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان جمهوريه ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر عرفان نذير اوغلو گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اعليٰ سطحي عدالتي ٽيڪنالاجي، تربيت ۽ تجربن جي مٽا سٽا جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب ان موقعي تي قانون ۽ انصاف واري سيڪريٽري ۽ پرڏيهي معاملن جو نمائندو به شامل هو ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ تجويز ڪيل عدالتي رابطن بابت سرڪاري سطح تي هم آهنگي برقرار رکي سگهي. اها ملاقات مارچ 2026ع ۾ ترڪيه جي آئيني عدليه جي صدر جي پاڪستان جي دؤري جي پسِ منظر ۾ ٿي. دؤري دوران پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۽ ترڪيه جي آئيني عدالت وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحين جي اميد آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي اعليٰ عدليه وچ ۾ اداره جاتي سهڪار کي باضابطه شڪل ڏيندي. چيف جسٽس تجويز ڪيل دؤري جي آجيان ڪندي چيو ته معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ويندو ۽ عدالتي روايتن موجب مڪمل ميزبانيءَ کي يقيني بڻايو ويندو. هن ٻنهي ملڪن جي تاريخي ۽ ڀائراڻن ناتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل قانوني روايتن، گڏيل احترام ۽ مضبوط ثقافتي رشتن ۾ ٻَڌل آهن. ملاقات ۾ عدالتي نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، سگهه ۾ واڌ ۽ بهترين عدالتي طريقيڪار جي مٽاسٽا تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي طرفان ان کان اڳ اعتماد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ دؤرو ۽ مفاهمتي يادداشت تي صحيح، عدالتي ڳالهين، تحقيق، تربيت ۽ عدالتي فيصلن جي مٽاسٽا لاءِ هڪ منظم ۽ اثرائتو فريم فراهم ڪندو.











