اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پي ٽي آءِ باني جي علاج جا سمورا تفصيل بيان ڪندي ٻُڌايو ته شروعاتي رپورٽ موجب اکين جي سوڄ ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي ۽ اکين جي نظر ۾ بهتري اچي رهي آهي، ڪو وڏو پيچيده معاملو سامهون ناهي آيو. ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن عمران خان جو تفصيلي …
پي ٽي آءِ باني جي اکين جي نظر ۾ بهتري اچي رهي آهي، ڪو وڏو پيچيده معاملو سامهون ناهي آيو: طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پي ٽي آءِ باني جي علاج جا سمورا تفصيل بيان ڪندي ٻُڌايو ته شروعاتي رپورٽ موجب اکين جي سوڄ ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي ۽ اکين جي نظر ۾ بهتري اچي رهي آهي، ڪو وڏو پيچيده معاملو سامهون ناهي آيو. ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته گذريل ڏينهن عمران خان جو تفصيلي طبي معائنو اڊيالا جيل اندر حڪومتي هدايتن موجب مڪمل شفافيت سان ڪرايو ويو، حڪومت هر ضروري سهولت موقعي تي فراهم ڪئي ته جيئن ڪنهن به قسم جي ڪوتاهيءَ جو سوال پيدا نه ٿئي، خاص ڪري سي ٽي اسڪين، اسٽل ليمپ مشين ۽ مڪمل سهولتن تي ٻَڌل ايمبولينس جيل اندر پهچائي وئي. هن چيو ته پمز جي ڊاڪٽر عارف ۽ شفا اسپتال جي ڊاڪٽر نديم قريشي فزيڪل ايگزامنيشن ڪيو. سينيئر ماهرن ڊاڪٽر عاصم يوسف ۽ ڊاڪٽر مرزا ڪانفرنس ڪال ذريعي شامل رهيا جڏهن ته بئريسٽر گوهر کي به سموري اڳڀرائيءَ کان آگاهه رکيو ويو. هن چيو ته حڪومت خاندان کي به باقاعده اطلاع ڪيو ته هو معائني دوران موجود رهي سگهن ٿا، جڏهن ته خاندان طرفان ڪو نمائندو نه آيو، ان باوجود سموري ڪارروائي آزاد ماهرن جي نگراني ۾ ڪئي وئي. هڪ ڊوز Eylea انجيڪشن ڏني وئي آهي ۽ ٻيو ڊوز 25 فيبروري تي ڏنو ويندو. ماهرن جي راءِ ۾ Vabysmo هڪ متبادل ٿي سگهي ٿو، موجوده علاج جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن ان لاءِ في الحال Eylea جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايندڙ مرحلو angiogram جو آهي جنهن کان پوءِ جيڪڏهن ضرورت پئي ته ليزر ٽريٽمينٽ جو فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت واضح ڪرڻ چاهي ٿي ته قيديءَ جي حيثيت باوجود عمران خان کي سموريون طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، رياست جي ذميداري آهي ته هر شهريءَ کي معياري علاج مهيا ڪري ۽ ان معاملي ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.











