بلوچستان ۾ اولهه جي هوائن جو هڪ ٻيو سسٽم داخل، ڪوئيٽا سميت مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان

ڪوئيٽا-16 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان ۾ اولهه جي هوائن جو هڪ ٻيو سسٽم داخل ٿي ويو جنهن سبب ڪوئيٽا سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي مطابق چمن، ڪوئيٽا، پشين، مسلم باغ، زوب، زيارت، بارکان، سبي، قلات، ڪيچ، پنجگور، واشڪ، خاران، خضدار ۽ گوادر ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات ۽ ان دوران ڪجهه …

ڪوئيٽا-16 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان ۾ اولهه جي هوائن جو هڪ ٻيو سسٽم داخل ٿي ويو جنهن سبب ڪوئيٽا سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي مطابق چمن، ڪوئيٽا، پشين، مسلم باغ، زوب، زيارت، بارکان، سبي، قلات، ڪيچ، پنجگور، واشڪ، خاران، خضدار ۽ گوادر ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات ۽ ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي.