ويانا – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آسٽريا جي چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، سياحت، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي حڪومتي ۽ ڪاروباري شعبن جي سطح تي موجود پليٽ فارم کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آسٽريا جي چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر پاران حڪومتي ۽ ڪاروباري شعبن جي سطح تي موجود پليٽ فارم کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق

مزید خبریں
ويانا – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آسٽريا جي چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، سياحت، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي حڪومتي ۽ ڪاروباري شعبن جي سطح تي موجود پليٽ فارم کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ويانا ۾ تاريخي هوفبرگ پيلس ۾ وفاقي چانسلري ۾ جمهوريه آسٽريا جي وفاقي چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر سان ملاقات ڪئي. وفاقي چانسلري پهچڻ تي وزيراعظم جو چانسلر اسٽاڪر استقبال ڪيو، کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا. بعد ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڳالهه ٻولهه ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون سيد فاطمي فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ شريڪ هئا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ دوستاڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اقتصادي تعاون، واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، مهمان نوازي، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت، انساني وسيلن جي ترقي ۽ افرادي قوت سميت مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيندا. ان سلسلي ۾ ٻنهي ڌرين غور هيٺ مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ امن ۽ سلامتي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، تڪرارن جي پرامن حل، پائيدار ترقي، ماحولياتي قدمن ۽ انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي نظام سان پنهنجي گڏيل وابستگي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي حمايت کي ساراهيندي عالمي برادري سان گڏجي گڏيل قومن جي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ۽ آسٽريا جي وفاقي چانسلر قابل تجديد توانائي، توانائي جي بچت، صنعتي پيداوار ۽ تعميرات، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، جراحي اوزارن، چمڙي ۽ راندين جي سامان، صحت، سياحت ۽ مهمان نوازي ۽ خوراڪ ۽ زرعي صنعتن سان واڳيل آسٽريا ۽ پاڪستان جي اهم ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن جي فورم جي گڏيل صدارت پڻ ڪئي. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حڪومتي سطح تي (جي ٽو جي)، حڪومت ۽ ڪاروباري شعبي جي وچ ۾ (جي ٽو جي) ۽ ڪاروباري شعبن جي وچ ۾ (بي ٽو بي) رابطن کي موجوده پليٽ فارمز جي موثر استعمال جي ذريعي وڌيڪ سگهه ڏني ويندي. وزيراعظم آسٽريا جي ڪاروباري برادري ۽ ڪمپنين کي هلندڙ سال اپريل ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ يورپي يونين – پاڪستان بزنس فورم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وزيراعظم دوري دوران بامعنيٰ ۽ لاڀائتين ملاقاتن تي وفاقي چانسلر جا ٿورا ادا ڪيا جيڪا ٻطرفي لاڳاپن نئون رخ فراهم ڪندي. هن وفاقي چانسلر کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.











