وزيراعظم پاران آسٽريا جي ڪاروباري طبقي کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت

ويانا – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آسٽريا جي ڪاروباري طبقي کي زراعت، آءِ ٽي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، سياحت، ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي، قابل تجديد توانائي، انجنيئرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته آسٽريا جا سيڙپڪار پاڪستان اچن، حڪومت انهن جي ميزباني ڪندي، ٻنهي ملڪن ۾ تعاون ۽ ٻطرفي واپار جو ماپو وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن …

ويانا – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آسٽريا جي ڪاروباري طبقي کي زراعت، آءِ ٽي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، سياحت، ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي، قابل تجديد توانائي، انجنيئرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته آسٽريا جا سيڙپڪار پاڪستان اچن، حڪومت انهن جي ميزباني ڪندي، ٻنهي ملڪن ۾ تعاون ۽ ٻطرفي واپار جو ماپو وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان – آسٽريا بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص معاون طارق فاطمي کانسواءِ ٻنهي ملڪن جون نمايان ڪاروباري شخصيتون پڻ موجود هيون. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط بنيادن تي قائم ڊگهي دوستاڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته آسٽرين ڪمپنيون ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ ڪم ڪنديون رهيون آهن پر ويجهي ماضي ۾ ڪن سببن جي ڪري ان ۾ گهٽتائي آئي، قابل تجديد توانائي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي ۽ سياحت جي شعبي ۾ ڪيتريون ئي آسٽرين ڪمپنيون پاڪستاني حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. هن چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر سان ٻطرفي ۽ وفدن جي سطح ڳالهه ٻولهه کي تمام گهڻو مثبت ۽ لاڀائتو قرار ڏيندي چيو ته انهن ملاقاتن ۾ طئي ٿيندڙ معاملن کي اڳتي وڌايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريا جا پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخي حقيقتن تي ٻڌل آهن، قابل تجديد توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾  آسٽريا جو تعاون ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان جي نوجوان نسل تمام گهڻي باصلاحيت آهي، حڪومت آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، صوبائي حڪومتن سان گڏجي آءِ ٽي جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، نوجوانن جي ترقي جي لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي مسئلي تي يورپي پارٽنرز سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت جو اهم دارومدار زراعت تي آهي، 60 سيڪڙو آبادي ڳوٺاڻي علائقن ۾ رهي ٿي، زرعي ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ ڪڻڪ، مڪئي ۽ ڪمند سميت اهم فصلن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون جاري آهن، زرعي شعبي ۾ ويليو ايڊيشن جي لاءِ آسٽريا جي تعاون جي آجيان ڪنداسين ڇو ته ان شعبي ۾ آسٽريا جو وسيع تجربو ۽ مهارت آهي. هن معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ به ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي. هن مختلف شعبن ۾ آسٽريا جي بزنس ڪميونٽي کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ سياحت، قابل تجديد توانائي، انجنيئرنگ، ٽيڪسٽائيل، چمڙي، هائيڊرو پاور، سولر، بائيو ماس، سمارٽ سلوشنز، گرڊ ماڊرنائيزيشن، انڊسٽريل آٽوميشن، مشينري ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا آهن، معاشي شعبي ۾ حصيداري کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جا خواهشمند آهيون، اپريل ۾ پاڪستان اي بزنس فورم جو اسلام آباد ۾ انعقاد ٿيندو. وزيراعظم آسٽرين سيڙپڪارن تي زور ڏنو ته اهي حڪومت جي دعوت تي پاڪستان اچن، اسان جا مهمان بڻجن ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جو جائزو وٺن.