ويانا – 16 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار موجوده دور ۾ معاشي سفارتڪاري ۽ ترقياتي عمل کي انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ ۽ معاشي موقعن جي ڪري پاڪستان اهم مارڪيٽ آهي، معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ سڌارن جو عمل اڳتي وڌايو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان – آسٽريا بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاران موجوده دور ۾ معاشي سفارتڪاري ۽ ترقياتي عمل انتهائي اهم قرار

مزید خبریں
ويانا – 16 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار موجوده دور ۾ معاشي سفارتڪاري ۽ ترقياتي عمل کي انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ ۽ معاشي موقعن جي ڪري پاڪستان اهم مارڪيٽ آهي، معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ سڌارن جو عمل اڳتي وڌايو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان – آسٽريا بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته معاشي ۽ واپاري سرگرمين جي فروغ جي لاءِ فورم جو انعقاد اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر جي وچ ۾ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ معاشي سفارتڪاري تي ڌيان آهي، پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ ۽ معاشي موقعن جي ڪري پاڪستان اهم مارڪيٽ آهي، معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ سڌارن جو عمل اڳتي وڌايو ويو آهي. هن موجوده دور ۾ معاشي سفارتڪاري ۽ ترقياتي عمل کي انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته عالمي سفارتڪاري ۾ آسٽريا جي اهم ڪردار جا معترف آهيون، روانگي واپار تي ٻڌل معيشت جي فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن حڪومت جي معاشي قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، نوجوانن جي تمام وڏي آبادي جي ڪري پاڪستان ٽيڪنالوجي ۽ جدت جنهن ۾ آسٽريا کي خاص مهارت حاصل آهي، جي شعبي ۾ وسيع موقعا موجود آهن. هن ٻطرفي واپار جو ماپو وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ته موجوده واپاري ماپو ٻنهي ملڪن جي دوستاڻي لاڳاپن جي صحيح عڪاسي نه ٿو ڪري. فورم ۾ پاڪستاني ۽ آسٽرين ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪمپنين جي نمائندن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.











