سپريم ڪورٽ پاران عمران احمد خان نيازي جُون 3 فوجداري درخواستُون غير موثر قرار، ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي

اسلام آباد -16 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عمران احمد خان نيازي جي داخل ڪرايل 3 فوجداري درخواستن کي غير موثر (انفريڪچوئس) قرار ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪندي قرار ڏنو آهي ته ڇاڪاڻ ته ٽرائل ڪورٽ جو حتمي فيصلو اڳ ئي چئلينج ٿي چڪو آهي ۽ اپيل هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ان لاءِ درخواست گذار پنهنجا سمورا اعتراص لاڳاپيل فورم يعني هاءِ ڪورٽ …

اسلام آباد -16 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عمران احمد خان نيازي جي داخل ڪرايل 3 فوجداري درخواستن کي غير موثر (انفريڪچوئس) قرار ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪندي قرار ڏنو آهي ته ڇاڪاڻ ته ٽرائل ڪورٽ جو حتمي فيصلو اڳ ئي چئلينج ٿي چڪو آهي ۽ اپيل هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ان لاءِ درخواست گذار پنهنجا سمورا اعتراص لاڳاپيل فورم يعني هاءِ ڪورٽ ۾ اٿاري سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ پاران گذريل ڏينهن جاري لکت واري تفصيلي فيصلي موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 12 فيبروري 2026ع تي ٻڌڻي کان پوءِ حڪم جاري ڪيو. عدالت سامهون اهي ٽئي درخواستون هڪ ئي فوجداري ڪيس سان لاڳاپيل هيون جيڪو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر اسلام آباد ذريعي داخل شڪايت تي قائم ٿيو هو. جيتوڻيڪ درخواستن ۾ مختلف عارضي ۽ ضمني عدالتي حڪمن کي چئلينج ڪيو ويو هو جڏهن ته انهن جو پس منظر هڪجهڙو هو. پهرين درخواست (سي  آر پي ايل اي نمبر 2023/921)  درخواست گذار ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻ جوڳي ۽ عرصي جي پابندي سميت ڪجهه قانوني نقطا اٿاريا هئا جن کي رد ڪيو ويو. هاءِ ڪورٽ نظرثاني ۾ معاملو واپس ٽرائيل ڪورٽ موڪليو جنهن کان پوءِ ٽرائل مڪمل ٿي 5 آگسٽ 2023ع تي حتمي فيصلو ٻڌايو ويو جنهن خلاف اپيل هاءِ ڪورٽ ۾ التويٰ هيٺ آهي.  ٻي درخواست (سي آر پي ايل اي نمبر 2023/922)  آهي. ان درخواست ۾  ڪجهه شاهدن کي طلب ڪرڻ جي گذارش رد ڪرڻ جي حڪم کي چئلينج ڪيو ويو هو. هاءِ ڪورٽ ۾ نظرثاني ۽ گڏيل درخواست باوجود ٽرائل تي منع نامو جاري نه ٿيو ۽ بعد ۾ ٽرائيل مڪمل ٿي ويو. ٽين درخواست (سي آر پي ايل اي نمبر 2023/938)  ان ۾ ڪيس هڪ عدالت کان ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪرڻ جي حڪم کي چئلينج ڪيو ويو هو. جڏهن ته ٽرائل ڪورٽ حتمي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو جنهن خلاف اپيل اڳ ئي داخل ٿي چڪي هئي. عدالت قرار ڏنو ته ڇاڪاڻ ته عارضي حڪم ٽرائل ڪورٽ جي حتمي فيصلي ۾ ضم ٿي چڪا آهن ۽ اهو فيصلو هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج آهي ان لاءِ هي درخواستون غير موثر ٿي چڪيون آهن. جيل ۾ سهولتن بابت رپورٽون ٻڌڻي دوران عدالت اڳوڻي ٽه رڪني بئنچ جي حڪمن جي روشني ۾ اٽارني جنرل کان جيل ۾ درخواست گذار جي رهائش ۽ سهولتن بابت رپورٽ طلب ڪئي هئي. عدالت حڪم تي سينٽرل جيل راولپنڊي جي سپرنٽينڊنٽ ۽ عدالتي مددگار (ايمڪس ڪيوري) بئريسٽر سلمان صفدر ڌار ڌار رپورٽون جمع ڪرايون، عدالت رپورٽن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ قرار ڏنو ته مجموعي طور تي جيل ۾ درخواست گذار جي رهائش، خوراڪ، طبي سهولتون ۽ سيڪيورٽي انتظام تسلي بخش آهن ۽ پاڻ درخواست گذار به اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته اکين جي صحت بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو جنهن تي اٽارني جنرل اکين جي ماهرن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ کان فوري معائنو ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. عدالت اهو به نوٽ ڪيو ته عدالتي مددگار درخواست گذار کي برطانيه ۾ رهندڙ پنهنجن پٽن سليمان خان ۽ قاسم خان سان قانون موجب رابطي جي اجازت ڏيڻ ۽ ڪجهه ڪتابن جي فراهمي جي سفارش ڪئي جنهن تي به اٽارني جنرل تعاون جي خاطري ڪرائي. عدالت قرار ڏنو ته جيل جي صورتحال بابت 24 آگسٽ 2023ع جي حڪم جي تعميل ٿي چڪي آهي. جڏهن ته اڳوڻي ٽه رڪني بئنچ جي هدايت کي نظر ۾ رکندي موجوده درخواستون اڻڄاتل عرصي تائين ملتوي ڪيون پيون وڃن ۽ انهن کي ان وقت ٻڌڻي لاءِ مقرر  ڪيو ويندو جڏهن هاءِ ڪورٽ اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي. عدالت واضح ڪيو ته ان دوران جيڪڏهن درخواست گذار کي ڪا شڪايت هجي ته هو اڳ ۾ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري جتي سندس اپيل ٻڌڻي هيٺ آهي.