اسلام آباد -16 فيبروري (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته ڊريپ ۾ جاري سڌارن سان فارماسيوٽيڪل انڊسٽري کي استحڪام ملندو ۽ سيرپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو، دوائن جي روانگي واپار وڌائڻ لاءِ اثرائتا قدم جاري آهن جڏهن ته ميڊيڪل ڊيوائسز جي نظام کي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ايبٽ ليباريٽريز پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ فارما بيورو جي …
ڊريپ ۾ جاري سڌارن سان فارماسيوٽيڪل انڊسٽري کي استحڪام ملندو: سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد -16 فيبروري (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته ڊريپ ۾ جاري سڌارن سان فارماسيوٽيڪل انڊسٽري کي استحڪام ملندو ۽ سيرپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو، دوائن جي روانگي واپار وڌائڻ لاءِ اثرائتا قدم جاري آهن جڏهن ته ميڊيڪل ڊيوائسز جي نظام کي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ايبٽ ليباريٽريز پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ فارما بيورو جي چيئرمين سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ۾ صحت جي شعبي ۾ جاري سڌارن، دوائن جي دستيابي ۽ ريگيوليٽري معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) ۾ ڪيل عملي قدمن جي تعريف ڪندي چيو ته انهن سڌارن سان فارما سيوٽيڪل صنعت کي درپيش چئلينجز ۾ گهٽتائي ايندي. وفاقي وزير چيو ته سڌارن وارن قدمن سبب اهو ڪم جيڪو اڳ سالن ۾ مڪمل ٿي ويندا هئا. هاڻي 20 ڏينهن ۾ اڪلايا پيا وڃن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته فارما سيوٽيڪل انڊسٽري ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي ۽ حڪومت ان شعبي جي ترقي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي.











