ملڪ جي مٽا سٽا وارن ناڻي جي ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران 2.106 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي)ملڪ جي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران 2.106 ارب ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جاري مالي سال جي شروعات تي ملڪي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 19.239 ارب ڊالرز هو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ 14.506 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 4.763 ارب ڊالرز هو، 6 فيبروري تي ختم ٿيل هفتي ۾ …

اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي)ملڪ جي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران 2.106 ارب ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جاري مالي سال جي شروعات تي ملڪي مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 19.239 ارب ڊالرز هو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ 14.506 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 4.763 ارب ڊالرز هو، 6 فيبروري تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪي مٽا سٽا وارن ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 21.375 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ 16.178 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 5.197 ارب ڊالرز هو. اهڙي طرح جاري مالي سال جي شروعات کان هن وقت تائين اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽا سٽا وارن ناڻي جي ذخيرن ۾ 1.672 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽا سٽا وارن ناڻي جي ذخيرن ۾ 434 ملين ڊالرز جو اضافو ٿيو آهي.