راولپنڊي – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته راولپنڊي شهر ڊينگي ۽ پوليو جي خلاف نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري سڄي ملڪ جي لاءِ مثال قائم ڪيو آهي. هن انهن ڪاميابين کي ضلعي انتظاميا، صحت کاتي ۽ عوام جي گڏيل ڪوششن جو ثمر قرار ڏنو. راولپنڊي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي بئريسٽر دانيال چوڌري ٻڌايو ته ڊينگي جي …
راولپنڊي شهر ڊينگي ۽ پوليو جي خلاف نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري سڄي ملڪ جي لاءِ مثال قائم ڪيو آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

مزید خبریں
راولپنڊي – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته راولپنڊي شهر ڊينگي ۽ پوليو جي خلاف نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري سڄي ملڪ جي لاءِ مثال قائم ڪيو آهي. هن انهن ڪاميابين کي ضلعي انتظاميا، صحت کاتي ۽ عوام جي گڏيل ڪوششن جو ثمر قرار ڏنو. راولپنڊي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي بئريسٽر دانيال چوڌري ٻڌايو ته ڊينگي جي خلاف موثر حڪمت عملي ۽ ڀرپور خاتمي وارن قدمن جي ڪري ڪيسز ۾ غيرمعمولي گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته سال 2024ع دوران راولپنڊي ۾ ڊينگي جا 6 هزار 606 ڪيسز رپورٽ ٿيا هئا جيڪي 2025ع ۾ گهٽ ٿي رڳو هڪ هزار 586 رهجي ويا جيڪا هڪ تاريخي ڪاميابي آهي. هن چيو ته اها ڪاميابي انهن فيلڊ اهلڪارن جي اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي جن گهٽين پاڙن جي صفائي کي يقيني بڻايو، انهن هيلٿ ورڪرز جي ڪوششن جو ثمر آهي جن گهر گهر وڃي شهرين کي ڊينگي کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن کان آگاهه ڪيو ۽ ان انتظاميا جي سنجيدگي جو مظهر آهي جنهن عوامي صحت کي اولين ترجيح بڻايو. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري پوليو جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته راولپنڊي جو 15 سالن تائين پوليو فري رهڻ هڪ وڏي ڪاميابي آهي جيڪو مستقل مزاجي ۽ موثر حڪمت عملي جو نتيجو آهي. هن ٻڌايو ته مسلسل 5 پوليو جي خاتمي وارين مهمن ۾ ضلعي سئو سيڪڙو ايل ڪيو اي ايس نتيجا حاصل ڪيا جنهن سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هر ٻار تائين حفاظتي ويڪسين جي پهچ يقيني بڻائي وئي ۽ ڪو به ٻار محروم نه رهيو. بئريسٽر دانيال چوڌري ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت عوامي صحت جي شعبي ۾ انهي جذبي ۽ ٺوس حڪمت عملي سان ڪم جاري رکندي ته جيئن شهرين کي محفوظ ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪري سگهجي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر احسان غني چيو ته ماحولياتي سيمپلنگ جي نتيجن موجب ضلعي جي ٽن وڏين جاين تان حاصل ڪيل سمورا نمونا پوليو وائرس کان پاڪ نڪتا آهن جنهن سان ضلعي جو پوليو فري اسٽيٽ برقرار رهڻ جي تصديق ٿئي ٿي. هن ان ڪاميابي کي موثر حڪمت عملي، قيادت ۽ انتظامي ۽ سياسي سطح تي ٺوس تعاون جو نتيجو قرار ڏنو. هن پريوينٽو سروسز آفيسر ڊاڪٽر جواد، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر، سرڪاري ۽ نجي اسپتالن جي عملي ۽ تشخيصي ليبارٽريز جي خدمتن کي پڻ ساراهيو جن ڪيسز جي وقت سر نشاندهي ۽ علاج کي يقيني بڻايو. مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب صحت کاتي کي مبارڪباد ڏيندي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جا ٿورا ادا ڪيا. تقريب کي ايم پي اي حنيف راجا، ڊاڪٽر وسيم، اينٽامولوجي پنجاب جي چيئرمين ۽ خاص معاون عظميٰ ڪردار پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ فيلڊ ورڪرز، ڊاڪٽرز، اينٽامولوجسٽس ۽ مقامي ڪاروباري شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صحت کاتي جي ٽيم جي ميمبرن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊز پڻ ورهايون ويون.











