وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ٻن ڏينهن جي دوري تي آزاد ڪشمير روانو

اسلام آباد -16 فيبروري (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان جي معاملن بابت وفاقي وزير  انجنيئر امير مقام آزاد ڪشمير جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي،  هو مظفر آباد ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل ڪشميرين جي ڪانووڪيشن ۾ خاص شرڪت ڪندو. جاري بيان موجب آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت جي انتظام هيٺ پهرين اوورسيز ڪانووڪيشن مظفر آباد ۾ منعقد ٿي رهيو آهي جنهن کي انجنيئر امير مقام خاص خطاب ڪندو. …

اسلام آباد -16 فيبروري (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان جي معاملن بابت وفاقي وزير  انجنيئر امير مقام آزاد ڪشمير جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي،  هو مظفر آباد ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل ڪشميرين جي ڪانووڪيشن ۾ خاص شرڪت ڪندو. جاري بيان موجب آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت جي انتظام هيٺ پهرين اوورسيز ڪانووڪيشن مظفر آباد ۾ منعقد ٿي رهيو آهي جنهن کي انجنيئر امير مقام خاص خطاب ڪندو. وفاقي وزير ڪانووڪيشن ۾ شرڪت کان پوءِ مظفر آباد مان راولاڪوٽ پهچندو ۽ پونڇ يونيورسٽي ۾ مهمان خاص طور پرائيم منسٽر  اسڪيم تحت ليپ ٽاپ به ورهائيندو ۽ شاگردن کي خطاب به ڪندو. هو راولاڪوٽ ۾ سياسي ميڙاڪي کي خطاب ڪندو ۽ مسلم ليگ  (ن) جي مقامي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو.