راولپنڊي -16 فيبروري (اي پي پي) ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته پنجاب ۾ صحت جي شعبي جا سڌارا ۽ جديد سهولتون عوام لاءِ معياري علاج حاصل ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿينديون، صوبائي حڪومت جي ڪوششن سان شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي عوام کي هڪجهڙيون، وقت سر ۽ شفاف طبي سهولتون ميسر ٿينديون، بينظير ڀٽو اسپتال ۾ نئين سهولت مرڪز مان روزاني هزارين شهري …
پنجاب ۾ صحت واري شعبي جا سڌارا ۽ جديد سهولتون علاج جي بهتر معيار حاصل ڪرڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿينديون: وفاقي وزير حنيف عباسي

مزید خبریں
راولپنڊي -16 فيبروري (اي پي پي) ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته پنجاب ۾ صحت جي شعبي جا سڌارا ۽ جديد سهولتون عوام لاءِ معياري علاج حاصل ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿينديون، صوبائي حڪومت جي ڪوششن سان شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي عوام کي هڪجهڙيون، وقت سر ۽ شفاف طبي سهولتون ميسر ٿينديون، بينظير ڀٽو اسپتال ۾ نئين سهولت مرڪز مان روزاني هزارين شهري فائدو کڻندا. انهن خيالن جو اظهار هن بينظير ڀٽو اسپتال راولپنڊي ۾ نئين سهولت مرڪز جي پيڙهه جي پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. محمد حنيف عباسي چيو ته انهن جديد سهولتن مان هزارين ماڻهو روزاني فائدو کڻندا ۽ هي اسپتال جي نظام ۾ مريضن لاءِ رهنمائي، رجسٽريشن ۽ ٻين انتظامي معاملن کي آسان بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وفاقي وزير چيو ته سڄي پنجاب جي اسپتالن ۾ آٽوميٽڊ نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن تحت مريضن جي رجسٽريشن، رپورٽس ۽ ايمرجنسي سروسز ڊجيٽل پليٽ فارم تي منتقل ڪيون وينديون ته جيئن مريض بنا ڪنهن غير ضروري رڪاوٽ يا سفارش جي وقت سر علاج ڪرائي سگهن. هن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف راولپنڊي اسپتال ۾ جديد سهولتون مهيا ڪيون، هولي فيملي ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ جديد طبي سهولتون جي فراهم کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي هن چيو ته اهي قدم نه رڳو علاج جي معيار کي بلند ڪندا پر طبي تحقيق ۽ تربيت جا نوان موقعا به فراهم ڪندا. وفاقي وزير چيو ته تحقيق، تربيت ۽ جديد انفراسٽرڪچر جي ترقي سان گڏوگڏ انسانيت جي خدمت جي مشن کي به مسلسل جاري رکيو ويندو ۽ حڪومت سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻي عوام کي اعليٰ معيار جون طبي سهولتون فراهم ڪندي.











