اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان قابض اسرائيلي فورسز پاران والاريل اولهندي ڪناري جي علائقن کي نام نهاد ”رياستي ملڪيت“ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ غيرقانوني بستين جي تعمير ۽ توسيع جي تازي ڪوششن جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل جا تازا قدم عالمي قانونن سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي لاڳاپيل قراردادن …
پاڪستان پاران قابض اسرائيلي فورسز پاران والاريل اولهندي ڪناري جي علائقن کي نام نهاد ”رياستي ملڪيت“ ۾ تبديل ڪرڻ جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان قابض اسرائيلي فورسز پاران والاريل اولهندي ڪناري جي علائقن کي نام نهاد ”رياستي ملڪيت“ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ غيرقانوني بستين جي تعمير ۽ توسيع جي تازي ڪوششن جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل جا تازا قدم عالمي قانونن سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهن جن کي عالمي برادري کي هر صورت ۾ رد ڪرڻ گهرجي. قابض طاقت پاران عالمي قانونن جي مسلسل خلاف ورزي ۽ اشتعال انگيز قدم خطي ۾ هڪ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار امن جي امڪانن کي سبوتاز ڪري رهيا آهن. بيان ۾ پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها اسرائيل جي ڇوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ عالمي قانونن جي احترام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ آزاد، خودمختيار ۽ ٺوس فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.











