اسلام آباد -15 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاران خيرپور سنڌ ۾ قومي شاهراهه تي افسوسناڪ روڊ حادثي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي مرحومن جي درجن جي بلندي ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ …
صدر آصف علي زرداري پاران خيرپور ٽريفڪ حادثي تي افسوس جو اظهار، زخمين کي بهترين طبي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد -15 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاران خيرپور سنڌ ۾ قومي شاهراهه تي افسوسناڪ روڊ حادثي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي مرحومن جي درجن جي بلندي ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ سنڌ حڪومت کي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. صدر چيو ته اهڙن افسوسناڪ حادثن کان بچاءَ لاءِ اثرائتن قدمن کي يقيني بڻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي. صدر چيو ته قومي شاهراهن تي ٽريفڪ جي اصولن تي سختي سان عملدرآمد ۽ حفاظتي انتظامن ۾ بهتري لاءِ صوبائي ۽ وفاقي سطح تي مربوط حڪمت عملي واضح ڪئي وڃي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.











