راولپنڊي -15 فيبروري (اي پي پي)چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير (نشان امتياز (ملٽري) ايڇ جي) 12 کان 14 فيبروري تائين جرمنيءَ جو دورو ڪيو جتي هن 62هين ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿيل اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري پريس پڌرائي موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير دوري دوران ڪيترن ئي اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون. …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران جرمنيءَ جو دورو، ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي مختلف اجلاسن ۾ شرڪت ۽ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي -15 فيبروري (اي پي پي)چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير (نشان امتياز (ملٽري) ايڇ جي) 12 کان 14 فيبروري تائين جرمنيءَ جو دورو ڪيو جتي هن 62هين ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿيل اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري پريس پڌرائي موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير دوري دوران ڪيترن ئي اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون. هن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون، جن ۾ عالمي ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون شامل هئا. آءِ ايس پي آر موجب جرمني اختيارين سان پنهنجي ملاقاتن جي سلسلي ۾ فيلڊ مارشل جرمنيءَ جي وفاقي گهرو وزير اليگزينڊر ڊوبريندرٽ، جرمن وفاقي چانسلر جي فارن پاليسي ۽ سيڪيورٽي پاليسي ايڊوائيزر گنٽر سائوٽر ۽ هٿياربند فوج جي چيف آف ڊفينس جنرل ڪارسٽن بروير سان ملاقات ڪئي. ملاقاتن جو مقصد موجوده سيڪيورٽي مسئلن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي تعاون ۽ ٻه طرفه ۽ گهڻ رخي ڳالهين ذريعي عالمي امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي هو. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير برازيل جي هٿياربند فوج جي جوائنٽ اسٽاف جي چيف ايڊمرل ريناٽور وڊ ريگزڊي ايگيار فريئر سان نتيجا ڏيندڙ ملاقات ڪئي ۽ بنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي تعاون تي ڳالهيون ڪيون. لبنان جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر جنرل روڊولف هيڪل به فيلڊ مارشل سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات دوران عالمي ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي تعاون کي وڌائڻ جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون.











