پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي پاران قومي رانديگرن ۽ ٽيم مينجمينٽ سان خاص ملاقات

ڪولمبو -15 فيبروري (اي پي پي) ڪولمبو ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارت خلاف ميچ کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي رانديگرن ۽ ٽيم مينجمينٽ سان خاص ملاقات ڪئي آهي ۽ اهم مقابلي کان اڳ انهن جو حوصلو بلند ڪيو. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ ٽيم جي عزم، تياري ۽ ڪارڪردگي تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. پي سي بي چيئرمين رانديگرن جي محنت، نظم و …

ڪولمبو -15 فيبروري (اي پي پي) ڪولمبو ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارت خلاف ميچ کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي رانديگرن ۽ ٽيم مينجمينٽ سان خاص ملاقات ڪئي آهي ۽ اهم مقابلي کان اڳ انهن جو حوصلو بلند ڪيو. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ ٽيم جي عزم، تياري ۽ ڪارڪردگي تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. پي سي بي چيئرمين رانديگرن جي محنت، نظم و ضبط ۽ جذبي جي تعريف ڪندي چيو ته پوري قوم جون نظرون تيم تي آهن ۽ کين يقين آهي ته قومي رانديگر پنهنجي  بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ميدان ۾ هاڪاري سوچ، گڏيل هم آهنگي ۽ دٻاءَ ۾ درست فيصلا ئي ڪاميابي جي ضمانت بڻجندا آهن. محسن نقوي قومي ٽيم لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي چيو ته بورڊ هر سطح تي رانديگرن کي مڪمل تعاون فراهم ڪري رهيو آهي ته جيئن هو صرف راند تي ڌيان رکي سگهن. قومي ٽيم جي ڪپتان سلمان آغا، هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن، ۽ ٽيم مئنيجر  نويد اڪرم چيمه سميت سمورا  رانديگر ۽ ڪوچنگ اسٽاف ان موقعي تي موجود هئا.ڪپتان سلمان آغا چيئرمين جو شڪريو ادا ڪندي خاطري ڪرائي ته ٽيم متحد ٿي ميدان ۾ لهندي ۽ قوم کي مايوس نه ڪنداسين. هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته رانديگر ڀرپور ڌيان ۽ پيشيواراڻي انداز سان مقابلن لاءِ تيار آهن. ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد، پاڪستان سپر ليگ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان نصير ۽ ڊائريڪٽر ميڊيا عامر مير به موجود هئا. اجلاس ۾ ٽيم جي انتظامي معاملن، رانديگرن جي ڀلائي ۽ ايندڙ شيڊول تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات جي پڄاڻي تي پي سي بي چيئرمين هڪ ڀيرو ٻيهر رانديگرن جي حوصلي جي تعريف ڪئي ۽ ان عزم جو ورجاءُ به ڪيو ته قومي ٽيم ملڪ جو وقار بلند ڪرڻ لاءِ ڀرپور صلاحيت سان ميدان ۾ لهندي. ٽيم جا رانديگر به  عزم ڏيکاريو ۽ انهن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو متحد ٿي بهترين ڪارڪردگي پيش ڪندا.