اسلام آباد-14 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري، ايندڙ چيني نئين سال کان اڳ پاڪستاني عوام طرفان چيني عوام کي بهار فيسٽيول جون مبارڪون ڏيندي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر ۾ چيني ميڊيا کي ڏنل هڪ تازي انٽرويو دوران هن چيني ٻولي ۾”نئون سال مبارڪ هجي“ جو پيغام ڏنو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا …
صدر آصف علي زرداري جون پاڪستاني عوام طرفان چيني عوام کي بهار فيسٽيول جون مبارڪون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-14 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري، ايندڙ چيني نئين سال کان اڳ پاڪستاني عوام طرفان چيني عوام کي بهار فيسٽيول جون مبارڪون ڏيندي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر ۾ چيني ميڊيا کي ڏنل هڪ تازي انٽرويو دوران هن چيني ٻولي ۾”نئون سال مبارڪ هجي“ جو پيغام ڏنو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا ۽ پاڪ چين دوستي کي نسل در نسل اڳتي وڌايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ عوامي رابطن ۽ ثقافتي مٽا سٽا کي هٿي وٺرائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ وڌيڪ پاڪستاني فلمون چين ۾ رليز ٿينديون ۽ پاڪستاني ۽ چيني فنڪارن جي گڏيل ڪوششن سان تيار ڪيل معياري تخليقون ٻنهي ملڪن جي ناظرين لاءِ پيش ڪيون وينديون. صدر ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته نوجوان پاڪ چين ٻطرفي لاڳاپن جا مستقبل جا نمائندا آهن، هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ شاگردن جي مٽا سٽا جي پروگرامن ۾ اضافي تي خوشي جو اظهار ڪيو.











