اسلام آباد-14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ دوران هڪ ڪروڙ 21 لک مستحق خاندانن لاءِ 13 هزار روپيا في خاندان جي حساب سان 38 ارب روپين جي رمضان پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مستحق سفيد پوشن کي شفاف طريقي سان ڊجيٽل بئنڪنگ ذريعي ادائيگيون ڪيون وينديون. هو هتي وزيراعظم رمضان پئڪيج 2026ع جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب …
وزيراعظم پاران ملڪ جي هڪ ڪروڙ 21 لک مستحق خاندانن لاءِ رمضان المبارڪ پئڪيج جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد-14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ دوران هڪ ڪروڙ 21 لک مستحق خاندانن لاءِ 13 هزار روپيا في خاندان جي حساب سان 38 ارب روپين جي رمضان پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مستحق سفيد پوشن کي شفاف طريقي سان ڊجيٽل بئنڪنگ ذريعي ادائيگيون ڪيون وينديون. هو هتي وزيراعظم رمضان پئڪيج 2026ع جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ وارو وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه، سڌ سماءُ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، خاص مددگار هارون اختر، بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ۽ ٻيا اعليٰ سرڪاري عملدار به موجود هئا. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو نه رڳو بدني عبادتن پر رزق حلال سان وسيلن کي ورهائڻ جو مهينو پڻ آهي، ماضي جي ناڪاره نظام کي ختم ڪيو ويو جڏهن يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي ناقص شيون کاڌي پيتي لاءِ مستحقن کي عزت نفس جي قرباني ڏئي قطارن ۾ لڳڻو پوندو هو، ان ۾ ڪرپشن به ٿيندي هئي، گذريل سال سفيد پوشن کي ڊجيٽل ادائيگين جو شفاف نظام متعارف ڪرايو، هلندڙ سال انهي کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت چئني صوبن ۽ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هڪ ڪروڙ 21 لک مستحق خاندانن تائين 13 هزار روپيا في خاندان جي حساب سان 38 ارب روپيا ورهايا ويندا. ان ۾ ڪو به سياسي ويڇو ناهي، مون ان نظام کي جوڙڻ لاءِ پاڻ نگراني ڪئي، مسئلن ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ڇاڪاڻ ته ڪيش ليس اڪانومي ۽ ڊجيٽل ادائيگين ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون هيون، ٿرڊپارٽي ويليڊيشن ان جي شفافيت تي تصديق جو ٽپو هڻي ڇڏيو آهي. وزيراعظم بٽن دٻائي رمضان پئڪيج تحت ادائيگين جو پروگرام جاري ڪيو. ان کان اڳ غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير سيد عمران احمد ساهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ قدم، سماجي تحفظ ۽ انسانيت جي خدمت موجوده حڪومت جو شعار آهي. بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري عامر احمد علي ٻڌايو ته مستحق شاگردن لاءِ شفاف ادائيگين جو نظام وزيراعظم جو ويزن آهي، گذريل سال پنج هزار روپين جو پئڪيج هو جنهن کي وڌائي هلندڙ سال 13 هزار روپيا ڪيو ويو آهي، شفافيت لاءِ ان جي به ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ٿيندي. هن جو چوڻ هو ته هيلپ لائن 9999 کان پروگرام جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري سگهجن ٿيون.











