خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پاران 3 ڏينهن واري سالياني فلاور شو ۽ ثقافتي نمائش 2026ع جو افتتاح

اسلام آباد-14 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول ۽ ايم اين اي بي بي آصفه ڀٽو زرداري صوبائي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو سان گڏ ايڇ ايم کوجا گارڊن نواب شاهه ۾ منعقد 3 ڏينهن واري سالياني فلاور شو ۾ آرٽس، سائنس ۽ ثقافتي نمائش 2026ع جو افتتاح ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب افتتاحي تقريب دوران بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي ڪيڊٽس مهمان خاص …

اسلام آباد-14 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول ۽ ايم اين اي بي بي آصفه ڀٽو زرداري صوبائي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو سان گڏ ايڇ ايم کوجا گارڊن نواب شاهه ۾ منعقد 3 ڏينهن واري سالياني فلاور شو ۾ آرٽس، سائنس ۽ ثقافتي نمائش 2026ع جو افتتاح ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب افتتاحي تقريب دوران بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي ڪيڊٽس مهمان خاص کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، جڏهن ته ٻارن رنگ برنگي ٽيبلوز ذريعي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري جي شاندار آجيان ڪئي، جنهن کان پوءِ خاتون اول بي آصفه ڀٽو ۽ صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو، بختاور ڪيڊٽ ڪاليج ۽ ٻين شريڪ ادارن پاران قائم ڪيل مختلف اسٽالز جو دورو به ڪيو. بي بي آصفه ڀٽو زرداري شاهه جو رسالو جي اسٽال جو به معائنو ڪيو ۽ نمائش ۾ پيش ڪيل موسمي، آرائشي ۽ ناياب قسم جي گلن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن پاران لڳايل اسٽالز ۽ دل کي وڻندڙ ٽيبلوز شوقينن جي خاص ڌيان جو مرڪز رهيا. خاتون اول انتظام ڪندڙن جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته اهڙي طرح جون هاڪاري ۽ صحتمند سرگرميون نه رڳو ماحول جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪن ٿيون پر معاشري ۾ هم آهنگي ۽ خوشي کي به هٿي وٺرائين ٿيون. هن چيو ته گل قدرت جو حسين تحفو آهن جيڪي محبت، امن ۽ تازگي جي علامت آهن. هن چيو ته عوام کي صحتمند تفريحي موقعا فراهم ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ويزن جو حصو آهي. ان موقعي تي ثقافتي پروگرام به پيش ڪيا ويا، جنهن ۾ ٻارن ملي نغما، ٽيبلوز ۽ ٻيا فني مظاهرا پيش ڪيا. تقريب ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر غلام قادر چانڊيو، ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن شاهمير خان ڀٽو، ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي. ساليانو فلاور شو، آرٽس، سائنس ۽ ثقافتي نمائش 2026ع 3 ڏينهن تائين جاري رهندو.