اسلام آباد - 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان بنگلاديش سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، ٻئي ملڪ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌندا. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي چيئرمين طارق رحمان سان ٽيليفون …
پاڪستان بنگلاديش سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان بنگلاديش سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، ٻئي ملڪ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌندا. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي چيئرمين طارق رحمان سان ٽيليفون تي انتهائي دوستاڻي ۽ خوشگوار ڳالهه ٻولهه دوران سندس پارٽي جي عام چونڊن ۾ تاريخي ۽ شاندار ڪاميابي تي دلي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي جيڪي بيگم خالده ضياءَ جي ميراث تي قائم هوندا ۽ ٻئي ملڪ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌندا.











