اسلام آباد -13 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان سمورن ملڪن سان گڏجي گڏيل افهام تفهيم، امن ۽ پائيدار ترقي جي فروغ جي لاءِ تيار آهي. صدر آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ ”قيادت ۽ استحڪام“ جي موضوع تي ٿيندڙ ڇهين عالمي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته قيادت ۽ استحڪام اهي …
پاڪستان سمورن ملڪن سان گڏجي گڏيل افهام تفهيم، امن ۽ پائيدار ترقي جي فروغ جي لاءِ تيار آهي: صدر آصف علي زرداري جي ڇهين عالمي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد -13 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان سمورن ملڪن سان گڏجي گڏيل افهام تفهيم، امن ۽ پائيدار ترقي جي فروغ جي لاءِ تيار آهي. صدر آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ ”قيادت ۽ استحڪام“ جي موضوع تي ٿيندڙ ڇهين عالمي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته قيادت ۽ استحڪام اهي بنيادي ٿنڀ آهن جن تي قومون ۽ ادارا قائم ٿيندا آهن، اڄ دنيا تيزي سان بدلجندڙ حالتن ۾ ورتل آهي جن ۾ جاگرافيائي ۽ سياسي تبديليون، اڀرندڙ سلامتي جا خطرا ۽ گورننس ۾ ٽيڪنالاجي جو وڌندڙ ڪردار شامل آهي. صدر چيو ته ورڪشاپ جي پڄاڻي تي توهان کي خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ خوشي جوڳو آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي ڪورس جي ڪامياب تڪميل تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته آئون ان اهم فورم جي انعقاد تي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، اهڙي نوعيت جا ورڪشاپس پاليسي سازن، سفارتڪارن، عسڪري عملدارن، تعليمي ماهرن ۽ نجي شعبي جي اڳواڻن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪن ٿا. صدر چيو ته اهي قيادت ۽ استحڪام جهڙن اهم موضوعن تي غور فڪر جي لاءِ هڪ قيمتي موقعو فراهم ڪن ٿا. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته هتي حاصل ٿيندڙ بصيرتون اسان جي ادارن ۽ معاشري جي وسيع تر ڌرين تائين پهچنديون. صدر چيو ته سلامتي هاڻي رڳو روايتي تڪرارن تائين محدود ناهي رهي، ان ۾ سائبر سيڪيورٽي، هائبرڊ خطرا ۽ معمولي چئلينجز به شامل آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلي، وسيلن جي کوٽ ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات سرحدن کان مٿانهان مسئلا آهن جن جي لاءِ گڏيل حل گهربل آهن. صدر چيو ته هي ورڪشاپ رڳو هڪ علمي مشق نه آهي، هتي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي عملي ۽ قابل عمل حل ۾ آڻيو، ورڇ بدران ڳالهه ٻولهه ۽ ٽڪراءُ بدران تعاون جو رستو اختيار ڪريو. صدر ورڪشاپ جي منتظمين، شرڪت ڪندڙن ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جا ٿورا ادا ڪيا جن ان ورڪشاپ کي ممڪن بڻايو. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته توهان جي ڳالهه ٻولهه بصيرت افروز هجي، توهان جو تعاون پائيدار ثابت ٿئي ۽ هتي گذاريل وقت توهان جي لاءِ بامعنيٰ ۽ يادگار رهي. ”قيادت ۽ استحڪام“ جي موضوع تي ٿيندڙ ڇهين عالمي ورڪشاپ ۾ 49 ملڪن جا 69 ماڻهو شريڪ ٿيا جڏهن ته پاڪستان سميت مجموعي شرڪت ڪندڙن جو انگ 99 هو. صدر آصف علي زرداري شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان خطي جي ڪيترن ئي ملڪن سان ويجهو تعاون ڪري رهيو آهي ۽ گڏيل فني ترقي جي ذريعي ورڪ فورس کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن سربيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان سربيا سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ٿنڪ ٽينڪس، صنعت ۽ اڪيڊميا جي وچ ۾ فعال رابطن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته پاڪستان ۽ دنيا وٽ تعاون کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي ڇو ته سمورا ملڪ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ گڏيل چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن. صدر چيو ته 18هين آئيني ترميم قوم کي پائيدار مستقبل ۽ بقاءَ جي ضمانت ڏيڻ جي لاءِ تيار ڪئي وئي هئي ڇو ته اها عوام جي جذبن ۽ قومي دولت جي حوالي سان عوام جي فيصلن ۾ حصيداري کي عزت ڏي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته هر ملڪ جا پنهنجا قومي مفاد آهن، اسان ملڪن جي وچ ۾ جنگ ۽ تڪرارن جي حوصلا افزائي نه ٿا ڪريون پر مسئلن جي حل لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيون ٿا، اسان جو خطو غيرمستحڪم آهي پر مون کي اميد آهي ته خطي ۾ ڪو تڪرار جنم نه وٺندو. صدر چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ان ويزن تي يقين رکي ٿي ته عورتن ۾ قيادت جي جذبي کي فروغ ڏنو وڃي ۽ انهن کي انهن جا حق ڏياريا وڃن. هن اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن ۽ جمهوريت جي لاءِ سندس جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري پنهنجون يادون تازيون ڪيون ۽ چيو ته هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ساٿي جي طور تي عوام جي خدمت، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ قومي مضبوطي کي جمهوري معاشري جي طور تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي توانائي ۽ جذبو وقف ڪيو. ان موقعي تي پنهنجي شروعاتي آجياڻي واري خطاب ۾ ميجر جنرل محمد رضا ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي ايوان صدر جو دورو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. هن ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن جو تعارف ڪرايو جنهن ۾ پاڪستان جي 30 شرڪت ڪندڙن پڻ شرڪت ڪئي جيڪي صنعت، ڪاروبار، ٿنڪ ٽينڪس، فوج، اڪيڊميا ۽ ميڊيا سميت معاشري جي سمورن شعبن سان تعلق رکن ٿا. ڊائريڪٽر جنرل چيو ته ورڪشاپ ۾ ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي جن ۾ عالمي نظام ۾ تبديلي، موسمياتي تبديلي، اقتصادي تصورن ۽ پاڪستان جي ثقافت ۽ فنون سميت مختلف موضوع شامل آهن. هن چيو ته ورڪشاپ ۾ شرڪت کانپوءِ شرڪت ڪندڙ سڄي دنيا ۾ موجود 3000 کان وڌيڪ اڳوڻي شرڪت ڪندڙن جي مضبوط نيٽ ورڪ جو حصو بڻجي ويندا.











