لاهور - 13 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي مستقل ۽ اڻٿڪ حمايت تي گڏيل عرب امارات جا ٿورا ادا ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ …
وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو، پاڪستان جي مستقل ۽ اڻٿڪ حمايت تي گڏيل عرب امارات جا ٿورا ادا ڪيا

مزید خبریں
لاهور – 13 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي مستقل ۽ اڻٿڪ حمايت تي گڏيل عرب امارات جا ٿورا ادا ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد النهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خوشگوار ۽ انتهائي گرمجوشي جي ماحول ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن گذريل مهيني اسلام آباد ۽ رحيم يار خان ۾ ٿيندڙ پنهنجي تازي ملاقاتن جو ذڪر ڪيو جيڪي گڏيل عرب امارات جي صدر جي پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري جي موقعي تي ٿيون هيون. وزيراعظم مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي مستقل ۽ اڻٿڪ حمايت تي گڏيل عرب امارات جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اهو تعاون ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو مظهر آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي قائدين گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.











