اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو پي) اجلاس ۾ مجموعي طور تي 160.2 ارب رپين جي ترقياتي منصوبن جي پورٽ فوليو تي غور ويچار ڪندي انهن کي منظور يا ايڪنڪ ڏانهن اُماڻي ڇڏيو. اجلاس جي صدارت منصوبا بندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال اسلام آباد ۾ ڪئي. فورم صحت، فزيڪل پلاننگ ۽ هائوسنگ، ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن جي شعبن بابت …
سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽيءَ جو اجلاس، 8.5 ارب رپين جا ٻه منصوبا منظور، 151.7 ارب رپين جا چار وڏا منصوبا حتمي منظوريءَ لاءِ ايڪنڪ ڏانهن اُماڻيا ويا

مزید خبریں
اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو پي) اجلاس ۾ مجموعي طور تي 160.2 ارب رپين جي ترقياتي منصوبن جي پورٽ فوليو تي غور ويچار ڪندي انهن کي منظور يا ايڪنڪ ڏانهن اُماڻي ڇڏيو. اجلاس جي صدارت منصوبا بندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال اسلام آباد ۾ ڪئي. فورم صحت، فزيڪل پلاننگ ۽ هائوسنگ، ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن جي شعبن بابت رٿائن جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ 8.5 ارب رپين جا ٻه منصوبا منظور ڪيا ويا جڏهن ته 151.7 ارب رپين جا چار وڏا منصوبا حتمي منظوريءَ لاءِ ايڪنڪ کي اُماڻيا ويا. اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ترقياتي رٿائن کي قومي ترجيحن موجب هم آهنگ ڪيو وڃي ته جيئن عوامي سيڙپڪاري سان انساني ترقي، شهري سهولتن ۽ رابطن ۾ پيمائش جوڳي بهتري اچي، خاص ڪري انهن علائقن ۾ جيڪي موسمياتي تبديليءَ سبب متاثر ٿيون آهن. هن چيو ته وفاقي سهڪار سان صوبائي سطح تي جاري رٿائن کي ڊگهي مُدي واري جٽادار ۽ واضح سماجي ۽ معاشي نتيجن لاءِ ڊزائين ڪرڻ گهرجي. سي ڊي ڊبليو پي سنڌ حڪومت جي رٿائن سنڌ هيومن ڪيپيٽل انويسٽمينٽ: 1000 ڊيز- انٽيگريٽڊ اينڊ پاپوليشن پروگرام جو جائزو ورتو جنهن جي مجموعي لاڳت 55 ارب 7 ڪروڙ 85 لک رپيا آهي. ان منصوبي کي ايڪنڪ ڏانهن اُماڻيو ويو. رٿا جو مقصد ڄم، ٻار ۽ ماءُ، ٻار جي شروعات صحت، غذائيت ۽ خانداني منصوبا بندي بابت اهم اهڃاڻن ۾ بهتري آڻڻ آهي. هي منصوبو سنڌ جي صحت کاتي، آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي سهڪار سان لاڳو ڪندو ۽ ان جي مالي مدد غير ملڪي فنڊنگ سان ڪئي ويندي. سنڌ، حيدرآباد اربن انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ پيڪيج پيش ڪيو ويو جنهن جي لاڳت 5 ارب رپيا آهي. سي ڊي ڊبليو پي ان منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جي فنڊنگ پي ايس ڊي پي مان ٿيندي. منصوبي سان شهري چُرپُر ۽ بنيادي ڍانچي ۾ بهتري جي اميد آهي. سي ڊي ڊبليو پي ڪراچي اربن انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ پيڪيج جو جائزو وٺي ان کي ايڪنڪ ڏانهن اُماڻي ڇڏيو. 15 ارب رپين جي لاڳت سان ان منصوبي ۾ ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ بنيادي شهري ڍانچي جي بهتري تي ڌيان ڏنو ويندو جنهن سان شهر جي پائيدار ترقيءَ کي هٿي ملي. ايمرجنسي فلڊ اسسٽنٽس پراجيڪٽ سنڌ ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ ڪمپوننٽ کي به ايڪنڪ ڏانهن اُماڻيو ويو. ان منصوبي جي لاڳت 60 ارب 4 ڪروڙ 45 ڪروڙ رپيا آهي جنهن ۾ 87 سيڪڙو فنڊنگ ايشيائي ترقياتي بئنڪ، جڏهن ته 13 سيڪڙو سنڌ حڪومت فراهم ڪندي. منصوبو ٻوڏ سبب متاثر ضلعن ۾ روڊن بحالي، مارڪيٽن ۽ سماجي سهولتن تائين پهچ، سفري وقت ۽ـ خرچن ۾ گهٽتائي ۽ زرعي ۽ معاشي بحاليءَ ۾ مدد ڏيندو. سي ڊي ڊبليو پي بلوچستان ۾ لياري کان لکر ۽ اٿل کان لکر بي ٽي روڊ جي بهتري ۽ بحاليءَ جي منصوبن جي منظوري ڏني جنهن جي لاڳت 3 ارب 51 ڪروڙ 50 لک رپيا آهي. منصوبو پي ايس ڊي پي تحت مڪمل ڪيو ويندو ۽ ان سان علائقي ۾ چُرپر ۽ معاشي سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي. اجلاس ۾ وندر ڊيم منصوبي جي نظرثاني ٿيل پي سي ون تي به غور ڪيو ويو، جنهن جي لاڳت 21 ارب 62 ڪروڙ 15 لک رپيا آهي ۽ ان کي به ايڪنڪ ڏانهن اُماڻيو ويو. هي منصوبو پاڻي ذخيرو ڪرڻ، آبپاشي ۽ گهريلو استعمال لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ڏيندو. سي ڊي ڊبليو پي سيرت چيئرز لاءِ سليڪشن ڪميٽيءَ جي به منظوري ڏني. پي ايس ڊي پي تحت نئين سيرت چيئرز قائم ڪئي پئي وڃي جن ۾ قيادت ۽ حڪمراني، انساني حق ۽ انصاف، تعليم ۽ ڄاڻ، سماجي انصاف ۽ ڀلائي، عالمن امن، بين المذاهب هم آهنگي، ڪاروبار ۽ واپار، پائيدار ترقي ۽ عورتن جا حق شامل آهن. ان چيئرز جو مقصد سيرت نبويﷺ جي روشنيءَ ۾ جديد مسئلن تي تحقيق ۽ علمي مواد جي تياري آهي. پروفيسر احسن اقبال هدايت ڏني ته سيرت سينٽر ۾ ڊجيٽل ميڊيا يونٽ قائم ڪيو وڃي ته جيئن نئين نسل کي سيرت کان روشناس ڪرائي سگهجي ۽ عالمي سطح تي اسلام جي باري ۾ غلط فهمين جو تدارڪ ٿي سگهي. هن سيرت اسڪالرز جي چونڊ جو عمل ٽن هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ترقياتي منصوبا بنديءَ ۾ انساني سيڙپ کي هٿي وٺرائڻ، موسمياتي برداشت، بنيادي ڍانچي ۽ جامع معاشي ترقي کي ترجيح ڏني ويندي جڏهن ته منصوبن کي وقت سر لاڳو ڪرڻ ۽ وسيلن جي اثرائتي استعمال کي يقيني بنائڻ لاءِ ويجهي نگراني جاري رکي ويندي.











