صدر جي هدايت تي پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ صحت، طبي تعليم ۽ پيشيواراڻي مٽاسٽا جي فروغ جي لاءِ عملي قدم تيز ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد  -13 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي هدايت تي پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ صحت، طبي تعليم ۽ پيشيواراڻي مٽاسٽا جي فروغ جي لاءِ عملي قدم تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايوان صدر ۾ منعقد هڪ اهم اجلاس ۾ ٻطرفي تعاون جي مختلف رخن، خاص طور تي طبي ادارن ۽ سندن جي گڏيل تسليم شدگي، طبي تعليم جي فروغ ۽ ڊاڪٽرن جي …

اسلام آباد  -13 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي هدايت تي پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ صحت، طبي تعليم ۽ پيشيواراڻي مٽاسٽا جي فروغ جي لاءِ عملي قدم تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايوان صدر ۾ منعقد هڪ اهم اجلاس ۾ ٻطرفي تعاون جي مختلف رخن، خاص طور تي طبي ادارن ۽ سندن جي گڏيل تسليم شدگي، طبي تعليم جي فروغ ۽ ڊاڪٽرن جي پيشيواراڻي تربيت تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ازبڪستان جي پاڪستان ۾ مقرر سفير سان ملاقات کانپوءِ منعقد اجلاس جي صدارت صدر جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم حسين ڪئي. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف جي تازي پاڪستان جي دوري دوران صحت، تعليم ۽ دواسازي سميت مختلف شعبن ۾ 28 مفاهمتي يادداشتن ۽ تعاون جي معاهدن جي مٽاسٽا ٿي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي مضبوط ٿيندڙ لاڳاپن جو مظهر آهي. ازبڪستان پاران آن لائين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ صحت جي پهرين نائب وزير بابايف اليشر، عليزانويف ابرور، يوسوپاليسيوا گلنورا ۽ پروفيسر گلياموف سورت شامل هئا جڏهن ته پاڪستان پاران صدر جي سيڪريٽري، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) جي صدر ۽ پرڏيهي وزارت ۽ قومي صحت واري وزارت جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت 1200 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد ازبڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن جڏهن ته ازبڪستان ۾ پاڪستان جي 180 کان وڌيڪ قسمن جون دوائون رجسٽرڊ ٿي چڪيون آهن جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ عوامي ۽ واپاري رابطن جي عڪاسي ڪري ٿو. ڊاڪٽر عاصم حسين طبي تعليم، سائنسي تحقيق ۽ ڊاڪٽرن جي عملي تربيت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ازبڪستان جي عملدارن پنهنجي ملڪ جي صحت جي شعبي جو جائزو پيش ڪندي ٻڌايو ته ازبڪستان ۾ اٽڪل 9 هزار نجي ڪلينڪس فعال آهن. هن پاڪستاني ڊاڪٽرن ۽ طبي پيشيور ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ دلچسپي جو پڻ اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري جي هدايت جي روشني ۾ مشاورت جو سلسلو جاري رکيو ويندو ۽ اڳتي جي حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني ويندي. ان ڏس ۾ پاڪستاني صحت جي ماهرن جو هڪ وفد جلد ازبڪستان جو دورو ڪندو ته جيئن طئي ٿيل معاملن تي اڳڀرائي کي يقيني بڻائي سگهجي.