ڪي پي ڪي جي گورنر سان اڳوڻي وفاقي وزير ساجد حسين طوري، اڳوڻو ايم پي اي عتيق الرحمان، پ پ جي اڳواڻ ولي خان جي ملاقات

پشاور-13 فيبروري (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ سان اڳوڻي وفاقي وزير ساجد حسين طوري، اڳوڻي ايم پي اي عتيق الرحمان ۽ پ پ جي سرگرم اڳواڻ ولي خان گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقاتون ڪيون. گورنر هائوس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ڪوهاٽ ڊويزن ۾ پارٽي جي تنظيمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته مخلص ۽ ڪم ڪندڙن جي حوصلا …

پشاور-13 فيبروري (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ سان اڳوڻي وفاقي وزير ساجد حسين طوري، اڳوڻي ايم پي اي عتيق الرحمان ۽ پ پ جي سرگرم اڳواڻ ولي خان گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقاتون ڪيون. گورنر هائوس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ڪوهاٽ ڊويزن ۾ پارٽي جي تنظيمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته مخلص ۽ ڪم ڪندڙن جي حوصلا افزائي ۽ سزا ۽ جزا جو عمل انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته پ پ هميشه مخلص ڪارڪنن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ پ پ جي ڪارڪنن کي پيش ايندڙ مسئلن جو ڀرپور اندازو آهي. اهڙين حالتن ۾ نظريي سان مخلص ڪارڪنن کي ڪڏهن به وساريو نه ويندو. وفد صوبي کي حقن جي فراهمي، عوامي ڀلائيءَ جي منصوبن جي حوالي سان پ پ جي خدمتن ۽ ڪردار کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن ڪي پي ڪي جي هاڪاري تاثر کي اجاگر ۽ پارٽي کي فعال بڻائڻ جي حوالي سان ڪي پي ڪي جي گورنر جي ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي اڳوڻي ايم پي اي عتيق الرحمان گورنر کي هنگو جي دؤري جي به دعوت ڏني.