صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ وفاقي ضياءَ الدين يونيورسٽي اسلام آباد جي گورننگ باڊي جو پهريون اجلاس

اسلام آباد  -13 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري طبي تعليم ۾ مصنوعي ذهانت جي انضمام، ڊيجيٽل هيلٿ سسٽمز، ٽيلي ميڊيسن ۽ ڊيٽا تي ٻڌل کوجنا جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته وفاقي ضياءَ الدين يونيورسٽي رڳو هڪ ٻيو تعليمي ادارو بڻجڻ بدران مستقبل سان هم آهنگ، ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مرڪز جي طور تي ترقي ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري …

اسلام آباد  -13 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري طبي تعليم ۾ مصنوعي ذهانت جي انضمام، ڊيجيٽل هيلٿ سسٽمز، ٽيلي ميڊيسن ۽ ڊيٽا تي ٻڌل کوجنا جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته وفاقي ضياءَ الدين يونيورسٽي رڳو هڪ ٻيو تعليمي ادارو بڻجڻ بدران مستقبل سان هم آهنگ، ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مرڪز جي طور تي ترقي ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري وفاقي ضياءَ الدين يونيورسٽي اسلام آباد جي گورننگ باڊي جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ اداري کي معياري تعليم، تحقيق ۽ جدت خاص طور تي صحت سائنس ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي مرڪز جي طور تي تعمير ڪرڻ جي لاءِ هڪ واضح رخ جو خاڪو پيش ڪيو. صدر ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته يونيورسٽي رڳو هڪ ٻيو تعليمي ادارو بڻجڻ بدران مستقبل سان هم آهنگ، ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مرڪز جي طور تي ترقي ڪري. هن هدايت ڪئي ته تعليمي پروگرامز، فيڪلٽي جي مقرري ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي اعليٰ قومي ۽ عالمي معيارن موجب هجڻ گهرجي ۽ وسعت سان گڏ معيار کي به يقيني بڻايو وڃي. صدر طبي تعليم ۾ مصنوعي ذهانت جي انضمام، ڊيجيٽل هيلٿ سسٽمز، ٽيلي ميڊيسن ۽ ميڊيڪل روبوٽڪس جهڙن شعبن ۾ بين الشعبه جاتي تحقيق جي پڻ حوصلا افزائي ڪئي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته شفاف مالي نظام ۽ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلاسازي کي شروع کان ئي اداري جو حصو بڻايو وڃي. صدر گورننگ باڊي جي ان ذميواري کي اجاگر ڪيو ته اها ايندڙ سالن ۾ يونيورسٽي جي ويزن ۽ ساک جي تحفظ کي يقيني بڻائي. يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر عاصم حسين ان موقعي تي گورننگ باڊي جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو جنهن کانپوءِ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر غلام رضا ڀٽي صدر کي فيڊرل ضياءَ الدين يونيورسٽي ايڪٽ 2024ع تحت يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۽ خزان 2026ع کان تعليمي سرگرمين جي شروعات جي منصوبي کان آگاهه ڪيو. صدر کي ٻڌايو ويو ته نئين يونيورسٽي ضياءَ الدين يونيورسٽي جي تعليمي روايت کي اڳتي وڌائيندي جنهن جو بنياد 1986ع ۾ اسڪول آف نرسنگ کان رکيو ويو هو ۽ بعد ۾ هي هڪ گهڻن شعبن تي ٻڌل اداري جي صورت اختيار ڪري ويو جتي صحت جي علم، انجنيئرنگ، مئنيجمينٽ، قانون، ميڊيا، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ تعليمي پروگرامز پيش ڪيا وڃن ٿا. اسلام آباد ۾ قائم ٿيندڙ هي ادارو وفاقي سطح تي انهي مشن کي سگهه ڏيڻ جو عزم رکي ٿو جنهن ۾ تحقيق جي معيار، روزگار سان وابستگي ۽ سماجي ذميواري تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. اجلاس کي گورننگ باڊي جي جوڙجڪ ۽ ايڪٽ موجب پروفيسر ڊاڪٽر غلام رضا ڀٽي جي وائيس چانسلر ۽ اويس احمد جي رجسٽرار جي طور تي مقرري کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس دوران فيڊرل ضياءَ الدين يونيورسٽي جو ڪئمپس ڪراچي ۾ قائم ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي وئي. صدر کي ٻڌايو ويو ته اهو قدم قانوني گهرجن ۽ لاڳاپيل ريگيوليٽري منظورين موجب اڳتي وڌايو ويندو.