اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ماڊل جيل ۽ نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ تعير هيٺ هاسٽل جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ تعميراتي ڪمن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن هدايت ڪئي ته منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم کي ڊبل شفٽ ۾ هلايو وڃي. گهرو وزير کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ماڊل جيل جو منصوبو …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران اسلام آباد ماڊل جيل ۽ نيشنل پوليس اڪيڊمي جو دورو، منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ماڊل جيل ۽ نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ تعير هيٺ هاسٽل جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ تعميراتي ڪمن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن هدايت ڪئي ته منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم کي ڊبل شفٽ ۾ هلايو وڃي. گهرو وزير کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ماڊل جيل جو منصوبو 2011ع کان التوا جو شڪار هيو هاڻي تيزي سان مڪمل ٿي رهيو آهي. گذريل هڪ سال ۾ غير معمولي اڳڀرائي کان پوءِ فيز ون جو 85 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. انشاالله ايندڙ ٻن مهينن ۾ جيل فنڪشنل ڪيو ويندو. محسن نقوي جيل جي بيرڪس جو معائنو ڪندي تعميراتي معيار تي اطمينان جواظهار ڪيو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ جديد ماڊل جي جيل جو قيام سيڪورٽي سبب اڻٽر آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جيل ۾ سيڪورٽي لاءِ ٻه حفاظتي ڀتون تعمير ڪيون پيون وڃن جڏهن ته جديد مانيٽرنگ لاءِ هڪ مرڪزي ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويندو جتي سمورن معاملن جي ڊجيٽل نگراني هوندي. جڏهن ته گهرو وزير نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ تعمير هيٺ هاسٽل جو به دورو ڪيو ۽ انڊر ٽريننگ اي ايس پيز لاءِ ٺاهيل ماڊل روم جو معائنو ڪيو. هن چيو ته جديد انفراسٽرڪچر سان پوليس تربيت جو معيار بلند ٿيندو ۽ آفيسرن کي بهترين رهائشي سهولت ملندي. دوري جي موقعي تي چيف ڪمشنر محمد علي رنڌاوا، آءِ جي پوليس اسلام آباد علي ناصر رضوي، ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور به موجود هئا.











