گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ، بلوچستان جي زراعت، معدنيات ۽ ماهيگيري جي شعبن کي قومي ۽ عالمي مارڪيٽن تائين پهچ ۾ مدد ڏيندو: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته نئون گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جيڪو 20 جنوري 2025ع کان فعال آهي، گوادر فري زون ۽ بهتر شاهراهن جي نتيجي ۾ بلوچستان جي زراعت، معدنيات ۽ ماهيگيري جي شعبن کي قومي ۽ عالمي منڊين تائين پهچ ۾ مدد ڏيندو. رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال پاران پڇيل سوال …

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته نئون گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جيڪو 20 جنوري 2025ع کان فعال آهي، گوادر فري زون ۽ بهتر شاهراهن جي نتيجي ۾ بلوچستان جي زراعت، معدنيات ۽ ماهيگيري جي شعبن کي قومي ۽ عالمي منڊين تائين پهچ ۾ مدد ڏيندو. رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته گوادر ايئرپورٽ ۽ لاڳاپيل انفرا اسٽرڪچر صوبي ۾ واپاري لاجسٽڪس ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ وارين ڪوششن جو حصو آهن. هن ايوان کي ٻڌايو ته گوادر پورٽ تي اٽڪل 2281 ايڪڙن تي ٻڌل مڪمل طور تي تيار ٿيل گوادر فري زون فعال  آهي جيڪو واپار، ري ايڪسپورٽ، گودام سازي، ورهاست ۽ صنعتي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. فري زون ۾ بلوچستان جي زرعي، معدنيات ۽ ماهيگيري جي شعبن سان لاڳاپيل مصنوعات جي پراسيسنگ، پيڪيجنگ ۽ ويليو ايڊيشن جا موقعا پڻ موجود آهن. هن ٻڌايو ته فري زون ۾ سيڙپڪارن کي رعايتون ڏنيون پيون وڃن، جن ۾ وفاقي، صوبائي ۽ مقامي ٽيڪسن کان 23 سالن جي ڇوٽ، 99 سالن تائين ليز جا موقعا ۽ مشنيري ۽ اوزارن جي درآمد تي ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ون ونڊو سهولت، تيار گودام، آفيسن لاءِ جاءِ ۽ صنعتي يونٽس سان گڏوگڏ سيڪيورٽي انتظام ۽ اندروني انفرا اسٽرڪچر پڻ فراهم ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته وفاقي حڪومت گوادر پورٽ، ايئرپورٽ ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن جي وچ ۾ روڊ رابطن جي ذميوار آهي، جڏهن ته ايئرپورٽ تي گودام ۽ اسٽوريج سهولتن جي ترقي، دفاعي ڊويزن (ايوي ايشن)، سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي دائري اختيار ۾ اچي ٿي. سينيٽر دانيش ڪمار جي اضافي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته رتوديرو روڊ ۽ گوادر بابت انفرا اسٽرڪچر جو معاملو بنيادي طور تي رٿابندي جي دائري ڪار ۾ اچي ٿو.