اسلام آباد -13 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2026ع ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ عورتن بابت نائين او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وقت سر رابطن جي اهميت …
اسحاق ڊار جي صدارت ۾ 2026ع ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ عورتن بابت نائين او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جي حوالي سان اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد -13 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2026ع ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ عورتن بابت نائين او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وقت سر رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ويو. نائب وزيراعظم سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ لاڳاپيل ڌُرين کي هدايت ڪئي ته اهي او آءِ سي سيڪريٽريٽ سان ويجهي تعاون جي ذريعي انتظامي معاملن ۽ ڪانفرنس جي موضوعاتي ترجيحن کي حتمي شڪل ڏين. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باوجوه، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، ڪابينا ۽ انساني حقن واري ڊويزن جي سيڪريٽرين، ناڻي واري وزارت، گهرو ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











