مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي روس جي ٽرانسپورٽ واري نائب وزير سان ملاقات، گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق

استنبول-13 فيبروري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان روس جي ٽرانسپورٽ واري نائب وزير ديمتري اسٽينسلاو ووچ زيوريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. روس جي نائب وزير، وفاقي وزير عبدالعليم خان کي روس ۾ ٿيندڙ عالمي فورم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. انٽرنيشنل ٽرانسپورٽ اينڊ لاجسٽڪ فورم سينٽ پيٽرز برگ ۾ پهرين کان …

استنبول-13 فيبروري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان روس جي ٽرانسپورٽ واري نائب وزير ديمتري اسٽينسلاو ووچ زيوريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. روس جي نائب وزير، وفاقي وزير عبدالعليم خان کي روس ۾ ٿيندڙ عالمي فورم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. انٽرنيشنل ٽرانسپورٽ اينڊ لاجسٽڪ فورم سينٽ پيٽرز برگ ۾ پهرين کان 3 اپريل 2026ع تائين منعقد ٿيندو. ملاقات دوران ماسڪو کان اسلام آباد ٻنهي ملڪن لاءِ سڌي اڏام  جي شروعات تي مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير عبدالعليم خان ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ عملي قدمن تي پڻ ڳاليهون ڪيون. مال بردار پاڪستاني ٽريلر ڊرائيورز کي درپيش ويزا ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ به مثبت عزم جو اظهار ڪيو ويو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ بئنڪنگ چئنل ۾ اضافي ۽ درپيش مشڪلاتن جي خاتمي تي بهخيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مواصلات واري وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان روس سان روڊ نيٽ ورڪ لاءِ گڏيل سهڪار جو خواهشمند آهي. او آءِ سي ڪانفرنس ۾ خطي جا ملڪ گڏيل واپار مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان، چين ۽ ٻين ملڪن سان زميني راهدارين جي جوڙجڪ ۾ دلچسپي رکي ٿو، سينٽرل ايشيا جي رياستن ذريعي پاڪستان ۽ روس ڳنڍجي سگهن ٿا. روس ٽرانسپورٽ واري نائب وزير ديمتري اسٽينسلاو ووچ زيوريف خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سان ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ وسيع تر تعاون ٿي سگهي ٿو. ملاقات ۾ روس ۽ پاڪستان وچ ۾ شاهراهن ذريعي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.