وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ ترقياتي ڪمن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي: طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ ترقياتي ڪمن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. صوبائي حڪومت بنيادي ڍانچي جي بهتري، تعليم، صحت ۽ مواصلات جي شعبن ۾ مختلف منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪري رهي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر جان محمد بليدي سوال اٿاريندي چيو ته سندس سوال جي جواب ۾ جن روڊن …

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ ترقياتي ڪمن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. صوبائي حڪومت بنيادي ڍانچي جي بهتري، تعليم، صحت ۽ مواصلات جي شعبن ۾ مختلف منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪري رهي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر جان محمد بليدي سوال اٿاريندي چيو ته سندس سوال جي جواب ۾ جن روڊن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته اهي سي پيڪ کان پهرين جا آهن، هن چيو ته اهي روڊ جنرل مشرف جي دور جا آهن ۽ بعد ۾ انهن کي سي پيڪ سان ڳنڍيو ويو، ان لاءِ واضح ڪيو وڃي ته ڇا ان جي فنڊنگ به سي پيڪ مان ٿي رهي آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته اهو چوڻ غلط آهي ته حڪومت بلوچستان جي ترقياتي ڪمن تي ڌيان نٿي ڏي. هن چيو ته ڪراچي شاهراهه جي تعمير جاري آهي ۽ ان منصوبي لاءِ 15 ڏينهن جي ادائيگين جا فنڊز به مختص ڪيا ويا آهن، سينيٽر دنيش ڪمار ايم ايٽ روڊ جي منصوبي تي شديد تنقيد ڪندي چيو ته ان منصوبي کي 20 سال ٿي چڪا آهن پر روڊ اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو. هن چيو ته هي روڊ موٽر وي جي نالي تي داغ آهي، ڇاڪاڻ ته موٽر وي جو مطلب ٻه لائين وارو روڊ ۽ ڊيوائيڊر هوندو آهي، جڏهن ته هتي هڪ لائين واري روڊ کي موٽر وي جو نالو ڏن ويو آهي. سندس چوڻ هو ته هي حڪومت  طرفان بلوچستان سان ناانصافي آهي. ان جي جواب ۾ طارق فضل چوڌري چيو ته ايم -8  جي حوالي سان جيڪي حقيقتون بيان ڪيون ويون آهن اهي درست ناهن، هن دعويٰ ڪئي ته هر سال پي ايس ڊي پي تحت پنجاب کان وڌيڪ فنڊز بلوچستان کي ڏنا ويندا  آهن ۽ هر مسئلي تي مظلوميت جو پٽڻو پٽڻ درست عمل ناهي. سينيٽر منظور ڪاڪڙ چيو ته جيڪڏهن عوامي مسئلن تي ايوان ۾ ڳالهه نه ڪئي وڃي ته پوءِ ڪٿي ڪئي وڃي. هن ايوان مان احتجاجن واڪ آئوٽ ڪيو.