اسلام آباد - 13 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻي ايم پي اي سيد زعيم حسين قادري جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. گذريل ڏينھن پنھنجي تعزيتي پيغام ۾ ھن سيد زعيم حسين قادري جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ مرحوم زعيم حسين قادري جي گھرڀاتين سان تعزيت ۽ ھمدردي جو اظھار …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران اڳوڻي ايم پي اي سيد زعيم حسين قادري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظھار

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻي ايم پي اي سيد زعيم حسين قادري جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. گذريل ڏينھن پنھنجي تعزيتي پيغام ۾ ھن سيد زعيم حسين قادري جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ مرحوم زعيم حسين قادري جي گھرڀاتين سان تعزيت ۽ ھمدردي جو اظھار ڪيو. ھن چيو ته ڏک جي ھن گھڙي ۾ اسان ڏکويل ڪٽنب جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون. سيد زعيم حسين قادري جي سياسي خدمتن کي ھميشه ياد رکيو ويندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر مرحوم جي بلند درجن ۽ ڏکويل ڪٽنب کي هي صدمو برداشت ڪرڻ لاءِ صبر جي دعا ڪئي.











