پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران بنگلاديش جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي بي اين پي جي اڳواڻ طارق رحمان کي مبارڪون

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري بنگلاديش جي پارلياماني چونڊن ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) ڪاميابي تي پارٽي جي اڳواڻ طارق رحمان کي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن بنگلاديش جي عوام کي به ڪامياب چونڊون منعقد ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيون …

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري بنگلاديش جي پارلياماني چونڊن ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) ڪاميابي تي پارٽي جي اڳواڻ طارق رحمان کي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن بنگلاديش جي عوام کي به ڪامياب چونڊون منعقد ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيون ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ مستقبل ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، ڏکڻ ايشيا ۽ ان کان ٻاهر  امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪندا.