ريڊيو اڄ به تعليم ۽ تفريح جو اهم ذريعو آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 13 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ريڊيو جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ريڊيو سان واڳيل پيشيور ماڻهن، براڊ ڪاسٽرز، ٻڌندڙن ۽ آڊيو ڪميونيڪشن جي اهم ڪم ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سمورن ماڻهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي ڏينهن ماڻهن کي معلومات فراهم ڪرڻ، تعليم ڏيڻ ۽ مختلف ثقافتن ۽ علائقن جي وچ …

اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ريڊيو جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ريڊيو سان واڳيل پيشيور ماڻهن، براڊ ڪاسٽرز، ٻڌندڙن ۽ آڊيو ڪميونيڪشن جي اهم ڪم ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سمورن ماڻهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي ڏينهن ماڻهن کي معلومات فراهم ڪرڻ، تعليم ڏيڻ ۽ مختلف ثقافتن ۽ علائقن جي وچ ۾ رابطو قائم ڪرڻ ۾ ريڊيو جي منفرد ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو. ريڊيو جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصي کان ريڊيو عوامي ڳالهه ٻولهه ۽ سماجي زندگي کي شڪل ڏيندو ايندو رهيو آهي، اهو اڄ به هڪ اهڙو اهم ذريعو آهي جيڪو مڪمل ڌيان گهرڻ کانسواءِ تعليم ۽ تفريح فراهم ڪري ٿو ۽ ماڻهن کي روزمره جي ڪمن جي دوران باخبر رکي ٿو. ڪالهه خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته هن سال ريڊيو جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ريڊيو ۽ مصنوعي ذهانت جي گڏيل تعلق جو مرڪوز آهي، ان ۾ ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ويو آهي ته نئين ٽيڪنالاجيز جيڪڏهن اخلاقي ۽ ذميواراڻي انداز ۾ استعمال ٿين ته براڊ ڪاسٽرز جي معاونت ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته پيشيواراڻي راءِ ۽ تخليقي صلاحيت جو احترام به برقرار رهي ٿو. هن چيو ته ڊيجيٽل دور ۾ مصنوعي ذهانت پهچ بهتر بڻائن، ٻڌندڙن سان رابطو مضبوط ڪرڻ ۽ عوامي خدمت جي معلومات موثر انداز ۾ پهچائڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿي. تياري، نشريات، ٻڌندڙن جي جائزي، فيڊ بيڪ ۽ تحقيق ۾ ان جي محتاط استعمال سان ريڊيو کي وڌيڪ سگهه ملي سگهي ٿي جڏهن ته انساني آواز ۽ ادارتي ديانتداري ريڊيو جي بنيادي طاقت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان ئي ريڊيو اسان جي قومي سفر جو لازمي حصو رهيو آهي. ريڊيو پاڪستان مستند معلومات جي فراهمي، ثقافتي ورثي جي فروغ ۽ اسان جي مختلف زبانن ۽ موقف کي آواز ڏيڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. قدرتي آفتن کان وٺي تيز رفتار تبديلين جي دورن تائين، ريڊيو مشڪل وقت ۾ وضاحت ۽ اطمينان فراهم ڪيو ۽ معاشري ۾ ڳالهه ٻولهه کي قائم رکيو. اڄ ريڊيو پاڪستان 26 زبانن ۾ نشريات پيش ڪري رهيو آهي جيڪا ڪنهن به ٻئي ذريعي جي مقابلي ۾ منفرد پهچ آهي. صدر چيو ته لکين پاڪستانين جي لاءِ ريڊيو اڄ به روزاني جي زندگي جو حصو آهي. اهو فصلن ۾ آبادگارن سان گڏ، ڊگهي رستن تي ڊرائيورن سان گڏ ۽ انهن گهرن ۾ خاندانن سان گڏ رهي ٿو جتي بجلي يا انٽرنيٽ جي سهولت غيريقيني ٿي سگهي ٿي. هنگامي حالتن ۾ اهو وقت سر رهنمائي فراهم ڪري ٿو جڏهن ته پرسڪون وقتن ۾ تعليم، ثقافت ۽ گڏيل رابطن جو احساس ڏي ٿو. روزاني جي معمولات ۾ ان عملي موجودگي جي ڪري ريڊيو مختلف علائقن، نسلن ۽ آمدني جي طبقن ۾ پنهنجي اهميت برقرار رکي آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ اسان تيز رفتار فني تبديلين جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون، پر پوءِ به ريڊيو جي اهميت ۾ ڪا گهٽتائي ناهي آئي. دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ ٽيليويزن ڏسندڙن جي انگ ۾ گهٽتائي جي باوجود، ريڊيو ٻڌندڙن ۾ ٻيهر اضافو ٿي رهيو آهي، خاص طور تي نوجوانن بشمول جنريشن زي ۾. اهو رجحان ريڊيو جي تبديلي سان هم آهنگ ٿيڻ جي صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ان جي روشن مستقبل جي نشاندهي ڪري ٿو. آن لائين اسٽريمنگ، سوشل ميڊيا ۽ ڊيجيٽل براڊ ڪاسٽنگ جهڙين جدتن کي اختيار ڪري ريڊيو پنهنجي پهچ وڌائي آهي ۽ ريڊيو جي اها تازگي ۽ ويجهڙائپ جي ان احساس کي برقرار رکيو آهي جيڪو ان کي خاص بڻائي ٿو. صدر چيو ته ريڊيو ڀروسي ۽ سڀني جي شموليت جو اهم ذريعو آهي. اهو انهن ماڻهن تائين پڻ پهچي ٿو جتي ٻين  ٽيڪنالاجيز جي پهچ ممڪن نه آهي، سڄي ملڪ جي آوازن کي اجاگر ڪري ٿو ۽ سماجي هم آهنگي کي مضبوط بڻائي ٿو. معلومات جي ڏکئي وهڪري کي هن دور ۾ ريڊيو معتبر خبرن، عوامي خدمت جي معلومات ۽ ثقافتي اظهار جو اعتماد جوڳو ذريعو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ريڊيو جي هن عالمي ڏهاڙي تي اچو ريڊيو سان واڳيل پيشيور ماڻهن جي محنت کي ساراهيون ۽ ميڊيا جي ان لازوال ذريعي جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون. نئين ٽيڪنالاجيز کي احتياط ۽ ذميواري سان اختيار ڪندي اسان اهو يقيني بڻائي سگهون ٿا ته ريڊيو سمورن شهرين جي ضرورتن موجب فعال، موثر ۽ سڀني جي پهچ ۾ رهي. هن چيو ته آئون سمورن ٻڌندڙن ۽ ريڊيو سان واڳيل ماڻهن جي لاءِ دعاڳو آهيان ته اهي سدائين معاشري جي خدمت ڪاميابي سان ڪندا رهن.