اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته عالمي ترقي ۽ مجموعي قومي پيداوار ۾ ان جي وڌندڙ حصي جي مناسب عڪاسي لاءِ اُڀرندڙ مارڪيٽن ۽ اُسرندڙ معيشتن کي عالمي اقتصادي انتظام ۽ ترتيب جي جوڙجڪ ۾ وڌيڪ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) کي ڏنل انٽرويو ۾ چئي جيڪا هن اُڀرندڙ …
اُڀرندڙ مارڪيٽن ۽ اُسرندڙ معيشتن کي عالمي اقتصادي انتظام ۽ ترتيب جي جوڙجڪ ۾ وڌيڪ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته عالمي ترقي ۽ مجموعي قومي پيداوار ۾ ان جي وڌندڙ حصي جي مناسب عڪاسي لاءِ اُڀرندڙ مارڪيٽن ۽ اُسرندڙ معيشتن کي عالمي اقتصادي انتظام ۽ ترتيب جي جوڙجڪ ۾ وڌيڪ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) کي ڏنل انٽرويو ۾ چئي جيڪا هن اُڀرندڙ مارڪيٽن جي معيشتن بابت العلا ڪانفرنس جي ٻئي ايڊيشن ۾ شرڪت دوران ڏنو. ناڻي واري وزير چيو ته تيزيءَ سان پيچيده ٿيندڙ عالمي ماحول ۾ اجتماعي ڳالهين ۽ مربوط پاليسي قدمن جي اهميت پهرين کان گهڻي وڌي وئي آهي. ڪانفرنس جي ميزباني تي سعودي عرب جو شڪريو ادا ڪندي هن چيو ته هي فورم اهڙي وقت ۾ منعقد ٿيو آهي جڏهن جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۾ واڌ، واپاري ورڇ ۽ خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي شعبي جون تيز رفتار فني تبديليون عالمي منظرنامي کي متاثر ڪري رهيون آهن. هي پليٽ فارم ناڻي وارن وزيرن ۽ مرڪزي بئنڪن جي گورنرز لاءِ هڪ وقت سر موقعو فراهم ڪري ٿو ته هو انهن حالتن ۾ پنهنجن خيالن ۽ تجربن جي مٽاسٽا ڪري سگهن. ناڻي واري وزير چيو ته ڪانفرنس جي پهرين ايڊيشن کانپوءِ عالمي منظرنامي ۾ نمايان تبديلي اچي چڪيون آهن جيڪي ان ڳالهه جون گهرجائو آهن ته پاليسي سازن وچ ۾ منظم پر کُليل ڳالهيون جاري رکيون وڃن، اهڙا پليٽ فارم اُڀرندڙ معيشت کي ان قابل بڻائين ٿا ته هو پنهنجي تجربن مان سکن، حڪمت عملي ۾ هم آهنگي پيدا ڪن ۽ عالمي معاشي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل سهڪار کي مضبوط ڪن. ڪانفرنس جي افتتاحي سيشنز جو حوالو ڏيندي سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته اُڀرندڙ مارڪيٽون ۽ اُسرندڙ معيشتن جو عالمي معيشتن ۾ بار مسلسل وڌي رهيو آهي ۽ عالمي پيداوار ۽ ترقي ۾ ان جو وڌندڙ حصو هاڻي عالمي فيصلا سازيءَ جي عمل ۾ وڌيڪ اثرائتي ڪردار جي صورت ۾ به نظر اچڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته ان نوعيت جي اعليٰ سطحي رابطن جي اصل اهميت صرف ڳالهين تائين محدود ناهي پر عملدرآمد ۾ لِڪل آهي، اهي فقط ڳالهين تائين محدود نه هئڻ گهرجن پر سڄو سال غور ويچار کي ٺوس پاليسي قدمن ۽ اثرائتو لاڳو ڪرڻ ۾ تبديل ڪرڻ جو اصل مقصد هئڻ گهرجن. ناڻي واري وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته العلا ڪانفرنس جا نتيجا اُڀرندڙ معيشتن وچ ۾ هم آهنگيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪندا ۽ هڪ وڌيڪ جامع ۽ مستحڪم عالمي اقتصادي نظام جي جوڙجڪ ۾ ان جي اجتماعي آواز کي هٿي وٺرائيندا.











