پشاور-12 فيبروري (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خط لکي اسلام آباد جي علائقي ترلائيءَ جي امام بارگاهه ۾ ٿيل ڌماڪي تي گهري ڏُک ۽ رنج جو اظهار ڪيو آهي. گورنر پنهنجي خط ۾ آپگهات ڪندڙ کي روڪيندي شهادت ماڻيندڙ نوجوان عون عباس جي غير معمولي بهادريءَ کي سلام عقيدت پيش ڪندي وزيراعظم کان سفارش ڪئي آهي ته شهيد کي …
ترلائي واقعو: ڪي پي ڪي جي گورنر پاران وزيراعظم کي تعزيتي خط، عون عباس جي غير معمولي بهادريءَ کي سلام عقيدت پيش

مزید خبریں
پشاور-12 فيبروري (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خط لکي اسلام آباد جي علائقي ترلائيءَ جي امام بارگاهه ۾ ٿيل ڌماڪي تي گهري ڏُک ۽ رنج جو اظهار ڪيو آهي. گورنر پنهنجي خط ۾ آپگهات ڪندڙ کي روڪيندي شهادت ماڻيندڙ نوجوان عون عباس جي غير معمولي بهادريءَ کي سلام عقيدت پيش ڪندي وزيراعظم کان سفارش ڪئي آهي ته شهيد کي سندس دليري جي اعتراف ۾ شهادت بعد صدارتي ايوارڊ تمغه شجاعت سان نوازيو وڃي. خط ۾ چيو ويو آهي ته شهيد عون عباس پنهنجي حياتي جو نذرانو ڏئي حملي آور کي روڪي نه صرف بهادريءَ جو عظيم مثال قائم ڪيو پر امام بارگاهه ۾ موجود سَوين انساني قيمتي جانين کي به محفوظ بڻايو. گورنر جو چوڻ هو ته عون عباس جي اها بي مثال قرباني پوري قوم لاءِ فخر جوڳي آهي ۽ انسانيت جي تحفظ جي هڪ روشن علامت آهي جنهن جو قدر ڪرڻ رياست جو فرض آهي.











