پاڪستان پاران افغان طالبان عملدارن کان دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ٺوس ڪارروائي جي مطالبي جو ورجاءُ

اسلام آباد - 12 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان افغان طالبان عملدارن کان پنهنجي سرزمين تان سرگرم دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ٺوس ڪارروائي ڪرڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته هو نه ته سفارتڪاري جا دروازا بند ڪندو ۽ نه ئي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ جنگ جو دروازو کوليندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته جنگين ۾ ۽ جهڙپن ۾ …

اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان افغان طالبان عملدارن کان پنهنجي سرزمين تان سرگرم دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ٺوس ڪارروائي ڪرڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته هو نه ته سفارتڪاري جا دروازا بند ڪندو ۽ نه ئي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ جنگ جو دروازو کوليندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته جنگين ۾ ۽ جهڙپن ۾ به سفارتڪاري جاري رهي ٿي تنهن ڪري اسان سفارتڪاري جا دروازا بند نه ڪنداسين، اسان ٻن ڀائر ملڪن جي وچ ۾ جنگين جو دروازو پڻ کولڻ نه ٿا چاهيون، اسان پنهنجي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ امن ۽ خوشحالي جا خواهشمند آهيون. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تازي رپورٽ جو حوالو ڏيندي ترجمان چيو ته اهو دستاويز ٽي ٽي پي ۽ افغانستان جي حوالي سان پاڪستان جي موقف جي ڀرپور تائيد ڪري ٿو ڇو ته رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته عبوري افغان حڪومت دهشتگرد تنظيمن کي هڪ سازگار ماحول فراهم ڪندي رهي آهي. هن چيو ته رپورٽ ۾ القاعده کي افغانستان ۾ ٻين هٿياربند دهشتگرد گروپن جي لاءِ هڪ ملٽي پلائر ۽ سهولتڪار جي طور تي بيان ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ اها به نشاندهي ڪئي وئي آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان کي وڌيڪ عملي آزادي ۽ معاونت حاصل رهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي اندر حملا ڪيا ويا. ترجمان موجب اها رپورٽ پاڪستان جي ان موقف جي توثيق ڪري ٿي ته ٽي ٽي پي جي ٻيهر سرگرمي 2021ع کانپوءِ عبوري حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ سان واڳيل آهي. اها هڪ اهم رپورٽ آهي جنهن تي اسان گڏيل قومن جي لاڳاپيل سيڪريٽريٽ، ادارن ۽ عالمي برادري خاص طور تي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان فالو اپ ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان تصديق ڪئي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 19 فيبروري تي بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پڻ ساڻس گڏ هوندو. هن چيو ته اسان بورڊ آف پيس ۾ نيڪ نيتي سان شموليت اختيار ڪئي آهي، اسان ان ۾ اڪيلا نه آهيون پر 8 اسلامي عرب ملڪن جي گڏيل آواز جي طور تي شامل آهيون. هن چيو ته اسان جو گڏيل آواز بورڊ آف پيس ۾ گونجي رهيو آهي ۽ اسان فلسطيني عوام جي حق، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تازي ڌماڪي کانپوءِ ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بيان تي تبصرو ڪندي ترجمان چيو ته ان بيان ۾ ڪنهن نه ڪنهن بهاني دهشتگردي کي جواز فراهم ڪرڻ جو تاثر موجود آهي جيڪو ڀارت جي ان دعويٰ جي منافي آهي ته هو دهشتگردي جي سمورين شڪلين جي مخالفت ڪري ٿو. هن چيو ته انهن بيانن سان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته ڀارت دهستگردي جي مخالفت ته ڪري ٿو پر جڏهن دهشتگردي پاڪستان جي خلاف ٿئي ته ان جي حمايت ڪري ٿو. ترجمان اهو به چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف ”لنچنگ“ جا واقعا بنا روڪ ٽوڪ جي جاري آهن جتي گذريل سال گهٽ ۾ گهٽ 55 مسلمان ان تشدد جو نشانو بڻيا جيڪو نفرت تي ٻڌل ۽ منظم تشدد جي هڪ ڳڻتي جوڳي رجحان جي نشاندهي ڪري ٿو. هن چيو ته انهن مان ڪيترائي واقعا مقامي عملدارن ۽ سياسي قيادت جي کليل يا اڻسڌي سرپرستي ۾ پيش آيا جيڪو رياستي سرپرستي ۽ سزا کان بچاءُ جي عنصر کي اجاگر ڪري ٿو. هن ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها انهن واقعن جي جاچ ڪري ۽ عالمي برادري کي صورتحال جي نگراني جي اپيل پڻ ڪئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گذريل سال مئي ۾ ٿيندڙ 90 ڪلاڪن جي جنگ بابت بيانن تي تبصرو ڪندي ترجمان چيو ته پاڪستان امن ۽ جنگ جي روڪٿام جي لاءِ ان دوران آمريڪي ڪردار کي ساراهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڀارتي رافيل جهاز ڪيرايا هئا جنهن جا ثبوت عالمي سطح تي دستياب آهن ۽ جن جي تصديق عالمي رپورٽس ۽ جهاز ٺاهيندڙ ڪمپنين پڻ ڪئي آهي. ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان ترجمان چيو ته پاڪستان سمورن مسئلن بشمول ائٽمي ڳالهه ٻولهه جي حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري تي ٻڌل هر قدم جي حمايت ڪري ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جو ڀارت جي خلاف ٽي ٽوئنٽي مئچ کيڏڻ جو فيصلو پاڪستان جي فراخدلي جو مظهر آهي جيڪو سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي رابطن ۽ عالمي ڪرڪيٽ عملدارن جي ان سوچ جو نتيجو آهي ته ڪرڪيٽ کي هٿيار بڻائڻ ۽ سياست جي ور چاڙهڻ غلط ۽ راند جي روح جي منافي آهي. سفارتي سرگرمين کان آگاهه ڪندي ترجمان ٻڌايو ته ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو، ان دوران هن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان – ازبڪستان بزنس فورم کي خطاب ڪيو. ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن لاڳاپن جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ 2 ارب ڊالر جو واپاري هدف مقرر ڪيو. اهڙي طرح قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايف پڻ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن هڪ ارب ڊالر واپار جو هدف طئي ڪيو ۽ گهڻ رخي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار آذربائيجان جي معيشت واري وزير، ايران، آذربائيجان ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو جنجم ۾ ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اسٽريٽجڪ ايڪسپورٽ ڪنٽرول ايڪٽ 2004ع تحت نظرثاني ٿيل نيشنل ڪنٽرول لسٽس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جيڪو پاڪستان جي عدم ڦهلاءُ جي عزم جو مظهر آهي. ترجمان چيو ته 8 مسلمان ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ٻن گڏيل بيانن ۾ غزه ۾ اسرائيلي جنگبندي جي خلاف ورزين ۽ والاريل اولهندي ڪناري ۾ غيرقانوني آبادڪاري جي مذمت ڪئي وئي جڏهن ته 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هجي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو.