پاڪستان جي تاريخ عورتن کانسواءِ نامڪمل آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت هر ڳالهه ٻولهه کيس پنهنجي والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ياد ڏياري ٿي جيڪا عورتن جي رڳو علامتي شموليت بدران هر شعبي ۾ انهن جي بامعنيٰ شرڪت تي يقين رکندي هئي: خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري

ڪراچي - 12 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ عورتن کانسواءِ نامڪمل آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت هر ڳالهه ٻولهه کيس پنهنجي والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ياد ڏياري ٿي جيڪا عورتن جي رڳو علامتي شموليت بدران هر شعبي ۾ انهن جي بامعنيٰ شرڪت تي يقين رکندي هئي، عورتن جي حقيقي آزادي انهي …

ڪراچي – 12 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ عورتن کانسواءِ نامڪمل آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت هر ڳالهه ٻولهه کيس پنهنجي والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ياد ڏياري ٿي جيڪا عورتن جي رڳو علامتي شموليت بدران هر شعبي ۾ انهن جي بامعنيٰ شرڪت تي يقين رکندي هئي، عورتن جي حقيقي آزادي انهي وقت ممڪن ٿيندي جڏهن هر ٻارڙي کي ان جا مڪمل حق فراهم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورت فائونڊيشن جي 40هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن عورت فائونڊيشن پاران عورتن جي حقن سميت پاڪستان ۾ جمهوريت، امن، سماجي انصاف ۽ برابري جي لاءِ عورتن جي چار ڏهاڪن تي ٻڌل جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو. خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري عورت فائونڊيشن جي 40 سالا جدوجهد تي ٻڌل ڪتاب جي رونمائي ڪئي ۽ هڪ دستاويزي فلم پڻ جاري ڪئي جنهن ۾ تنظيم جي سفر کي اجاگر ڪيو ويو ۽ عورتن جي حقن جي فروغ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي تاريخي ڪردار کي خصوصي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته هي ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته پاڪستان جي تاريخ عورتن کانسواءِ اڌوري آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ اڳڀرائي ٿي آهي تنهن هوندي به پاڪستان ۾ عورتن کي اڃا به سنگين چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته عورتن جي حقيقي آزادي انهي وقت ممڪن ٿيندي جڏهن هر ٻارڙي کي ان جا مڪمل حق فراهم ڪيا ويندا. ان موقعي تي کيس گلوبل پيس ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عورت فائونڊيشن جي لاءِ 5 ڪروڙ رپيا گرانٽ جو اعلان ڪندي عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ صنفي برابري جي فروغ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. عورتن جي حقن، انساني حقن، سماجي خدمتن، تعليم، صحافت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، اقليتي حقن، خصوصي ماڻهن جي قيادت ۽ ڪميونٽي ڊيولپمينٽ جي شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ۽ قائداڻي اعزازن سان نوازيو ويو. تقريب ۾ جمهوريت، امن قائم ڪرڻ، غربت جي خاتمي ۽ ماحولياتي انصاف جي ميدان ۾ عورتن جي جدوجهد ۽ ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ويو ۽ 1986ع ۾ قيام کانپوءِ عورت فائونڊيشن جي اهم ڪردار کي ساراهيو ويو. عورت فائونڊيشن جي صدر انيس هارون عورتن جي تحريڪ جي ڏکئي سفر کي ياد ڪيو ۽ چيو ته 12 فيبروري 1986ع کان اڳ عورتن کي عوامي زندگي ۾ خاطرخواهه سڃاڻپ حاصل نه هئي. هن ياد ڏياريو ته برابري جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرڻ تي عورتن تي لاٺي چارج ڪئي وئي، انهن کي قيد ڪيو ويو، پر اهي پنهنجي مطالبن تي ثابت قدم رهيون. مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتن تي قومي اسيمبلي ميمبر شازيه عطا مري ۽ راڻا انصار کي سياسي قيادت تي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، شهناز وزير علي کي عورتن جي حقن جي لاءِ تاحيات جدوجهد تي، جسٽس (ر) مجيده رضوي کي قانوني ۽ انساني حقن جي خدمتن تي اعزاز ڏنو ويو. رابعه ملڪ کي اسپيشل پرسنز ليڊرشپ ايوارڊ جڏهن ته پاڪستاني ڄائي آمريڪي نتاليه رحيم کي ڪميونٽي سروسز ايوارڊ سان نوازيو ويو. نصرت ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي زرعي ڊرون تيار ڪرڻ تي ٽيڪنالاجي انوويشن ايوارڊ ڏنو ويو. ان موقعي تي معصومه حسن چيو ته 40 سالا جدوجهد کانپوءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو خواب حقيقت جو روپ اختيار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عورت فائونڊيشن هاڻي پوري پاڪستان ۽ عالمي سطح تي سرگرم عمل آهي ۽ عورتن کي نه رڳو معاشي پر سياسي طور تي به بااختيار بڻائي رهي آهي. هن عورتن جي لاءِ ترقي پسند قانونسازي ۾ سنڌ جي قيادت کي ساراهيو جنهن ۾ گهريلو تشدد جي خلاف قانونسازي ۾ پهريون صوبو هجڻ جو اعزاز شامل آهي. هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سندس ترقي پسند ويزن جي ذريعي عورتن جي حقن جي تحفظ تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ خاتون اول ۽ ايم اين اي بي بي آصفه ڀٽو زرداري جي سرپرستي کي عورتن جي تحريڪ جي لاءِ فخر جوڳو قرار ڏنو.