اسلام آباد - 12 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال سميت خطي جي صورتحال ۽ عالمي حالتن جو جائزو ورتو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سينيٽر سيد محسن رضا نقوي، قانون ۽ …
صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايوان صدر ۾ ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال سميت خطي جي صورتحال ۽ عالمي حالتن جو جائزو ورتو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سينيٽر سيد محسن رضا نقوي، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقصادي معاملن واير ڊويزن وارو وفاقي وزير سينيٽر احد خان چيما، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر سيد توقير حسين شاهه، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله کانسواءِ سينيٽر شيري رحمان ۽ اڳوڻو وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.











