نيويارڪ -12 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي پارلياماني وفد گڏيل قومن جي سالياني پارلياماني ٻڌڻي ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا پهچي ويو. سيد يوسف رضا گيلاني پارلياماني وفد سان گڏ 12 ۽ 13 فيبروري تي نيويارڪ ۾ منعقد سالياني پارلياماني ٻڌڻي ۾ پاڪستان جي نمانئدگي ڪندو. گڏيل قومن جا 80 سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد عالمي پارلياماني اجلاس ۾ پاڪستان جو …
سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي پارلياماني وفد گڏيل قومن جي سالياني پارلياماني ٻڌڻي ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ پهچي ويو

مزید خبریں
نيويارڪ -12 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي پارلياماني وفد گڏيل قومن جي سالياني پارلياماني ٻڌڻي ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا پهچي ويو. سيد يوسف رضا گيلاني پارلياماني وفد سان گڏ 12 ۽ 13 فيبروري تي نيويارڪ ۾ منعقد سالياني پارلياماني ٻڌڻي ۾ پاڪستان جي نمانئدگي ڪندو. گڏيل قومن جا 80 سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد عالمي پارلياماني اجلاس ۾ پاڪستان جو موثر ڪردار اجاگر ڪيو ويندو. سينيٽ چيئرمين جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ۽ آءِ پي يو جي صدر سان اهم ملاقاتون متوقع آهن. سالياني آءِ پي يو پارلياماني ٻڌڻي ۾ امن، پائيدار ترقي ۽ جمهوري حڪمراني تي اهم ڳالهيون ٿينديون. سيد يوسف رضا گيلاني عالمي فورم تي پيڪٽ فار دي فيوچر ۽ گهڻ رخي نظام جي مضبوطي تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. عالمي واعدن کي قومي حقيقتن ۾ بدلائڻ ۽ جمهوري زوال جي چئلينجز تي پارلياماني ذميوارين تي غور ٿيندو. پاڪستان جو 6 رڪني پارلياماني وفد عالمي پارلياماني سفارتڪاري ۾ فعال شرڪت ڪندو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز نيويارڪ ۾ منعقد اجلاس ۾ سڄي دنيا مان پارليامينٽرينز ۽ سفارتڪار شريڪ ٿيندا. سينيٽ چيئرمين جو هي دورو پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي تعاون جي استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششن، قومي پارليامينٽن ۽گڏيل قومن وچ ۾ تعاون مضبوط بڻائڻ جو اهم پليٽ فارم ثابت ٿيندو. پاڪستان عالمي چئلينجز جي حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي ۽ عوام دوست پاليسي سازي جي حمايت ڪندو.











