استنبول-12 فيبروري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان او آءِ سي ملڪن وچ ۾ علائقائي رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پختي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته زميني رابطا هاڻي رڳو چونڊ نه پر اڻٽر ضرورت آهن، اقتصادي ۽ ڊجيٽل رابطا خوشحالي ۽ استحڪام جو بنيادي محرڪ آهن. هو او آءِ سي ٽرانسپورٽ وزيرن جي ڪانفرنس کي اهم خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير عبدالعليم خان …
اقتصادي ۽ ڊجيٽل رابطا خوشحالي ۽ استحڪام جو بنيادي محرڪ آهن: عبدالعليم خان

مزید خبریں
استنبول-12 فيبروري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان او آءِ سي ملڪن وچ ۾ علائقائي رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پختي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته زميني رابطا هاڻي رڳو چونڊ نه پر اڻٽر ضرورت آهن، اقتصادي ۽ ڊجيٽل رابطا خوشحالي ۽ استحڪام جو بنيادي محرڪ آهن. هو او آءِ سي ٽرانسپورٽ وزيرن جي ڪانفرنس کي اهم خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير عبدالعليم خان ترڪيه جي مثالي ترقي ۽ صدر رجب طيب اردوان جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي سنگم تي علائقائي واپار جو قدرتي”گيٽ وي“ آهي، سي پيڪ ٽو تحت او آءِ سي ملڪن لاءِ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، وچ ايشيا جو پاڪستاني بندرگاهن سان ڳنڍجڻ ٽريڊ ۽ ٽرانزٽ ۾ اضافي جو سبب بڻجندو. هن چيو ته گوادر پورٽ وچ ايشيائي رياستن کي گرم پاڻين تائين مختصر ترين سامونڊي رستو فراهم ڪري ٿو. پاڪستان، چين، ڪرغزستان ۽ قازقستان جي 4 ملڪي حصيداري وڏي اهميت واري آهي، پاڪستان او آءِ سي ملڪن کي گوادر پورٽ ذريعي واپاري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير عالمي ٽرانزٽ معيارن ۽ ڊجيٽل ٽريڊ پليٽ فارمز تي روشني وجهندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ٽي آءِ آر آپريشنز ۾ گذريل سال دوران نمايان اضافو ڏٺو ويو.











